ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
03 اکتوبر 2026
پي سي بي ويسٽ انڊيز ۽ انگلينڊ خلاف ٽيسٽ سيريز لاءِ قومي اسڪواڊ ۾ ٻن تبديلين جو اعلان ڪري ڇڏيو

پي سي بي ويسٽ انڊيز ۽ انگلينڊ خلاف ٽيسٽ سيريز لاءِ قومي اسڪواڊ ۾ ٻن تبديلين جو اعلان ڪري ڇڏيو


لاهور: پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) ويسٽ انڊيز خلاف جاري ٽيسٽ سيريز ۽ ايندڙ انگلينڊ خلاف 3 ٽيسٽ ميچن جي سيريز لاءِ قومي اسڪواڊ ۾ ٻن تبديلين جو اعلان ڪري ڇڏيو.

اوپننگ بيٽر عبدالله فضل انجري سبب اڻفٽ قرار ڏنو ويو آهي، جنهن کان پوءِ عبدالله شفيق کي سندس جاءِ تي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

پي سي بي موجب، عبدالله فضل جو انجري کان پوءِ ايم آر آءِ اسڪين ڪرايو ويو، جنهن کان پوءِ طبي معائني ۾ کيس ري هيبليٽيشن پروگرام شروع ڪرڻ جو مشورو ڏنو ويو.

انهيءَ سبب هو ويسٽ انڊيز خلاف باقي هڪ ٽيسٽ ميچ ۽ انگلينڊ خلاف 3 ٽيسٽ ميچن جي سيريز مان پڻ ٻاهر ٿي ويو آهي.

ٻئي پاسي سعود شڪيل کي ويسٽ انڊيز خلاف باقي هڪ ميچ لاءِ اضافي بيٽنگ آپشن طور قومي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته انگلينڊ خلاف ٽيسٽ سيريز ۾ سندس شموليت فٽنس سان مشروط هوندي.

ويسٽ انڊيز خلاف ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز کان پوءِ پاڪستان جي ٽيم انگلينڊ رواني ٿيندي، جتي 3 ٽيسٽ ميچن جي سيريز کيڏي ويندي.

ٻنهي ٽيمن وچ ۾ پهريون ٽيسٽ 19 کان 23 آگسٽ تائين هيڊنگلي، ٻيو ٽيسٽ 27 کان 31 آگسٽ تائين لارڊز، جڏهن ته ٽيون ۽ آخري ٽيسٽ 9 کان 13 سيپٽمبر تائين ايجبسٽن ۾ کيڏيو ويندو.

واضح رهي ته ويسٽ انڊيز ۽ پاڪستان وچ ۾ پهريون ٽيسٽ ميچ هن وقت جاري آهي، جتي ويسٽ انڊيز خلاف پهرين ٽيسٽ جي ٻئي ڏينهن پاڪستان اعتماد سان بيٽنگ ڪندي ڏينهن جي پڄاڻي تي ويسٽ انڊيز جي 311 رنسن جي جواب ۾ 199 رنسون ٺاهي ورتيون.



ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
اولمپڪ گولڊ ميڊلسٽ ارشد نديم جو پرڏيهي ٽريننگ جو فيصلو
اولمپڪ گولڊ ميڊلسٽ ارشد نديم جو پرڏيهي ٽريننگ جو ف…
12 Aug 2026
اڳوڻي ڪرڪيٽر عاقب جاويد جي ڌيءَ برطانيا ۾ شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي وئي
اڳوڻي ڪرڪيٽر عاقب جاويد جي ڌيءَ برطانيا ۾ شادي جي …
13 Aug 2026
فيفا جي صدر جاني انفانٽينو کي وڏو ڌڪ، آئرلينڊ فٽبال ايسوسيئيشن حمايت واپس وٺي ڇڏي
فيفا جي صدر جاني انفانٽينو کي وڏو ڌڪ، آئرلينڊ فٽبا…
14 Aug 2026
”شايد هي منهنجو آخري سال هجي“ رونالڊو رٽائرمينٽ جو اشارو ڏئي ڇڏيو
”شايد هي منهنجو آخري سال هجي“ رونالڊو رٽائرمينٽ جو…
17 Aug 2026
هاڪي ورلڊ ڪپ 2026: ڀارت خلاف ميچ ۾ پاڪستاني ٽيم تي دٻاءُ نه هوندو، اسسٽنٽ ڪوچ عدنان ذاڪر
هاڪي ورلڊ ڪپ 2026: ڀارت خلاف ميچ ۾ پاڪستاني ٽيم تي…
19 Aug 2026
شاهين آفريدي جي تباهه ڪندڙ بالنگ، پاڪستان گولڊ گرينز کي شڪست ڏئي نيشنل چيمپئنز ڪپ کٽي ورتو
شاهين آفريدي جي تباهه ڪندڙ بالنگ، پاڪستان گولڊ گري…
19 Aug 2026
پاڪستاني نوجوان ڪوهنورد اسما مشتاق ’اسپانٽڪ‘ سر ڪرڻ کانپوءِ فوت ٿي وئي
پاڪستاني نوجوان ڪوهنورد اسما مشتاق ’اسپانٽڪ‘ سر ڪر…
21 Aug 2026
انگلينڊ جي دوري تي موجوده پاڪستان ٽيسٽ ٽيم 50 سالن جي ڪمزور ترين ٽيم قرار
انگلينڊ جي دوري تي موجوده پاڪستان ٽيسٽ ٽيم 50 سالن…
21 Aug 2026
جو روٽ ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪيچز جو ورلڊ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو
جو روٽ ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪيچز جو ورلڊ رڪارڊ…
22 Aug 2026
پاڪستان وومين فٽبال ٽيم جي رانديگرياڻي مريم محمود جو نالو برطانوي ڪلب ريڪسهم اي ايف سي جي آنر بورڊ تي شامل
پاڪستان وومين فٽبال ٽيم جي رانديگرياڻي مريم محمود …
22 Aug 2026