پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽر حمزه نذر تي ٻن سالن جي پابندي ۽ 10 لک رپين جو ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو آهي. پي سي بي موجب حمزه نذر تي سڀني ڊوميسٽڪ ۽ عالمي ڪرڪيٽ سرگرمين ۾ شرڪت ڪرڻ تي پابندي هوندي. بورڊ جو چوڻ آهي ته اها تاديبي ڪارروائي جاچ ڪميٽي جي رپورٽ کان پوءِ ڪئي وئي، جيڪا ويزا درخواست دوران فراهم ڪيل معلومات بابت ڪئي وئي هئي. پي سي بي موجب حمزه نذر مڪمل ۽ درست معلومات فراهم نه ڪئي، گمراهه ڪندڙ ڄاڻ ڏني ۽ اهم حقيقتون لڪايون، جنهن کان پوءِ ٽن رڪني جاچ ڪميٽي معاملي جي جاچ ڪئي ۽ کيس پنهنجو موقف پيش ڪرڻ جو موقعو پڻ ڏنو ويو.