لاهور: پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) غير منظور ٿيل ايشين ليجنڊز ليگ ۾ اڳوڻن ڪرڪيٽرن جي شرڪت جو سخت نوٽيس وٺي ورتو آهي
پي سي بي موجب، زيمبيا ۾ جاري ايشين ليجنڊز ليگ کي آءِ سي سي ۽ زيمبيا ڪرڪيٽ يونين جي منظوري حاصل ناهي.
پي سي بي جو چوڻ آهي ته اين او سي کان سواءِ غير منظور ٿيل ليگ ۾ شرڪت ڪندڙ اڳوڻن ڪرڪيٽرن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.
اهڙن ڪرڪيٽرن کي ٻن سالن تائين پي سي بي طرفان اين او سي جاري نه ڪيو ويندو.
پي سي بي موجب، ٻن سالن تائين کين پي سي بي ۽ پي ايس ايل ۾ ڪوچنگ، مينٽورنگ ۽ ٻين ذميوارين لاءِ پڻ نااهل قرار ڏنو ويندو.
پي سي بي موجوده ۽ اڳوڻن ڪرڪيٽرن کي هدايت ڪئي آهي ته پرڏيهي ايونٽن ۾ شرڪت کان اڳ لازمي طور اين او سي حاصل ڪن.