ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
03 اکتوبر 2026
گذريل مهيني ترڪي مان ڳجهي فوجي اڏام کانپوءِ جنهن جهاز ۾ سفر ڪيو، اهو وڌيڪ خطري ۾ هو: ٽرمپ

گذريل مهيني ترڪي مان ڳجهي فوجي اڏام کانپوءِ جنهن جهاز ۾ سفر ڪيو، اهو وڌيڪ خطري ۾ هو: ٽرمپ

واشنگٽن: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران جي ڌمڪين سبب ڳجهي اڏام ذريعي ترڪي مان واپسي واري واقعي بابت ڳالهائيندي چيو آهي ته گذريل مهيني ترڪي مان ڳجهي فوجي اڏام کانپوءِ جنهن جهاز ۾ هن سفر ڪيو، اهو وڌيڪ خطري ۾ هو

آمريڪي صدر ٽرمپ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته جهاز تبديل ڪرڻ وقت هو سيڪريٽ سروس جي هدايتن تي عمل ڪري رهيو هو، جنهن جهاز تي هو سفر ڪري رهيو هو، ان کي وڌيڪ خطرو ٿي سگهي پيو، ايران تي ڀروسو ناهي.

ان کان اڳ آمريڪي اخبار گذريل مهيني نيٽو اجلاس کانپوءِ آمريڪي صدر جي ترڪي مان روانگي بابت حيران ڪندڙ رپورٽ جاري ڪئي هئي.

آمريڪي اخبار انڪشاف ڪيو هو ته گذريل مهيني ترڪي جي دوري کانپوءِ ٽرمپ جي ڳجهي واپسي ايران طرفان ملندڙ ڌمڪين سبب ٿي. انقره ايئرپورٽ تي ٽرمپ ڪيمرائن جي سامهون ايئر فورس ون ۾ سوار ٿيا، پر ٽرمپ کي ڳجهي طور ايئر فورس ون مان ڪيٽرنگ ٽرڪ ذريعي ٻئي جهاز تائين پهچايو ويو ۽ هو ترڪي مان ايئر فورس جي سي-32 اي جهاز ذريعي برطانيا پهتا.

آمريڪي اخبار موجب ايئر فورس ون ۾ صحافين کي دريائن جا شيڊ هيٺ رکڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي، صحافي ۽ وائيٽ هائوس جو عملو اهو ئي سمجهندو رهيو ته ٽرمپ ايئر فورس ون ۾ موجود آهن، جڏهن ته اهو واضح ناهي ته برطانيا ۾ ٽرمپ کي ٻيهر ايئر فورس ون جهاز ۾ ڪيئن منتقل ڪيو ويو.




ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
آمريڪا کي حملن لاءِ پنهنجي سرزمين فراهم ڪندڙ ملڪن کي ڳري قيمت ادا ڪرڻي پوندي: ايراني آرمي چيف
آمريڪا کي حملن لاءِ پنهنجي سرزمين فراهم ڪندڙ ملڪن …
19 Aug 2026
وچ آفريڪي جمهوريه ۾ سون جي کاڻ ڪرڻ سبب 100 کان وڌيڪ ماڻهو فوت
وچ آفريڪي جمهوريه ۾ سون جي کاڻ ڪرڻ سبب 100 کان وڌي…
20 Aug 2026
آمريڪي رياست الاسڪا ۾ چارٽر جهاز ڪري تباهه، 8 ڄڻا فوت
آمريڪي رياست الاسڪا ۾ چارٽر جهاز ڪري تباهه، 8 ڄڻا …
21 Aug 2026
بنگلاديش پاڪستان، ترڪي ۽ سعودي عرب جي دفاعي معاهدي ۾ شامل ٿيڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو
بنگلاديش پاڪستان، ترڪي ۽ سعودي عرب جي دفاعي معاهدي…
22 Aug 2026
آمريڪا ۽ گڏيل عرب امارات ملٽري آرٽيفيشل انٽيليجنس ٽاسڪ فورس جو اعلان ڪري ڇڏيو
آمريڪا ۽ گڏيل عرب امارات ملٽري آرٽيفيشل انٽيليجنس …
22 Aug 2026
مڊ ٽرم چونڊن ۾ ريپبلڪن هاريا ته ڊيموڪريٽس مواخذو ڪندا، صدر ٽرمپ کي خدشو
مڊ ٽرم چونڊن ۾ ريپبلڪن هاريا ته ڊيموڪريٽس مواخذو ڪ…
22 Aug 2026
75 ملڪن جي مهاجر ويزا جي ڪارروائي روڪڻ واري ٽرمپ انتظاميا جي پاليسي رد
75 ملڪن جي مهاجر ويزا جي ڪارروائي روڪڻ واري ٽرمپ ا…
22 Aug 2026
امریکی وزیر خزانہ اسکاٹ بیسنٹ نے کہا ہے کہ ایران کے خلاف آج سے اقتصادی ڈی ڈے کا آغاز ہورہا ہے۔   امریکی وزیر خزانہ نے کہ
امریکی وزیر خزانہ اسکاٹ بیسنٹ نے کہا ہے کہ ایران ک…
24 Aug 2026
ايران وٽ عالمي واپاري رستا مڪمل طور بند ڪرڻ جي صلاحيت ناهي: جي ڊي وينس
ايران وٽ عالمي واپاري رستا مڪمل طور بند ڪرڻ جي صلا…
24 Aug 2026
ايران ۾ قدرتي گئس جا نوان ذخيرا دريافت
ايران ۾ قدرتي گئس جا نوان ذخيرا دريافت
24 Aug 2026