ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
14 فروری 2026
راشد محمود: سنڌ جو ورهاڱو قبول ناهي، پنجاب ۽ ڪي پي جي عوام لاءِ نوان صوبا ٺاهي سگهجن ٿا

راشد محمود: سنڌ جو ورهاڱو قبول ناهي، پنجاب ۽ ڪي پي جي عوام لاءِ نوان صوبا ٺاهي سگهجن ٿا

بلڙي شاهه ڪريم: يو آءِ اڳواڻ مولانا راشد محمود سومرو بلڙي شاهه ڪريم ڀرسان يو سي سعيد خان لنڊ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته سنڌ جي ورهاست ڪنهن به صورت قبول ناهي.

هن 27هين آئيني ترميم کي مڪمل طور رد ڪندي واضح ڪيو ته ڪنهن به فرد کي تاحيات قانوني ڇوٽ ڏيڻ نه رڳو قانوني پر مذهبي طور به غلط آهي، ۽ دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ اهڙي ڪا مثال موجود ناهي.

28هين ترميم بابت هن چيو ته هينئر تائين صرف افواهون هلي رهيون آهن، ۽ باقاعده مسودو سامهون اچڻ کان اڳ ان تي ڳالهائڻ وقت جو ضايع ڪرڻ آهي.

موجوده حڪمرانن تي تنقيد ڪندي راشد محمود چيو ته ملڪ کي لٽيو پيو وڃي ۽ عوام کي صرف بيوقوف بڻايو پيو وڃي.

نئين صوبا ٺاهڻ واري بحث تي راشد محمود چيو ته جيڪڏهن پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي عوام نوان صوبا گهرن ٿا ته اهي ٺاهي سگهجن ٿا، پر سنڌ جي عوام ورهاڱي کي مڪمل طور رد ڪري ڇڏيو آهي.

ڪراچي ۾ ڪجهه ڌريون مهاجر ڪارڊ استعمال ڪري رهيون آهن، جڏهن ته پيپلز پارٽي 'سنڌ ڪارڊ' کيڏي رهي آهي. راشد محمود موجب حقيقت ۾ انهن ڌرين کي سنڌ سان ڪا به محبت ناهي ۽ اهي صرف پنهنجي سياست کي چمڪائڻ چاهين ٿيون.

ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
موسميات کاتي ملڪ ۾ ايندڙ ڪجهه ڏينهن دوران هڪ نئون موسمي سسٽم داخل ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي
موسميات کاتي ملڪ ۾ ايندڙ ڪجهه ڏينهن دوران هڪ نئون …
28 Sep 2025
طالبان وٽ ’خارجين يا پاڪستان‘ مان چونڊ جو واحد آپشن آهي: فيلڊ مارشل عاصم منير
طالبان وٽ ’خارجين يا پاڪستان‘ مان چونڊ جو واحد آپش…
08 Dec 2025
پئسا ڪنهن جا ڪِريا آهن؟“—اسيمبلي ۾ اسپيڪر جي اعلان تي 12 ايم اين ايز هٿ مٿي
پئسا ڪنهن جا ڪِريا آهن؟“—اسيمبلي ۾ اسپيڪر جي اعلان…
08 Dec 2025
ذهني مريض سان ڊاڪٽر ئي ڳالهائي سگهي ٿو“—مريم اورنگزيب جو پي ٽي آءِ باني تي سخت ردعمل
ذهني مريض سان ڊاڪٽر ئي ڳالهائي سگهي ٿو“—مريم اورنگ…
08 Dec 2025
پي ٽي آءِ تي پابندي؟ بئريسٽر گوهر اهم سوال اُٿاري ڇڏيو
پي ٽي آءِ تي پابندي؟ بئريسٽر گوهر اهم سوال اُٿاري …
08 Dec 2025
اقوام متحدہ جي رپورٽ ڀارت جي غيرذميوار رياستي روين کي ظاهر ڪري ڇڏيو: صدر زرداري
اقوام متحدہ جي رپورٽ ڀارت جي غيرذميوار رياستي روين…
19 Dec 2025
گل پلازا سانحي جي چاج ۾ اهم اڳڀرائي، ملبي مان سي سي ٽي وي ڪيمرائن جون ڊي وي آرز هٿ
گل پلازا سانحي جي چاج ۾ اهم اڳڀرائي، ملبي مان سي س…
23 Jan 2026
توهان جي قانون جي ڀڃڪڙي ڪندس، 18 سالن کان گهٽ عمر وارن نوجوانن جون شاديون ڪرائيندس: مولانا فضل الرحمان
توهان جي قانون جي ڀڃڪڙي ڪندس، 18 سالن کان گهٽ عمر …
23 Jan 2026
ايمان مزاري ۽ سندس مڙس گرفتار
ايمان مزاري ۽ سندس مڙس گرفتار
23 Jan 2026
اين ايف سي ۽ انتظامي تبديلين جا حامي بلاول خلاف هڪ ٿي ويا؟
اين ايف سي ۽ انتظامي تبديلين جا حامي بلاول خلاف هڪ…
23 Jan 2026