جاپان جي اوڀرندي علائقي چيبا ۾ رڪارڊ برساتن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا فوت، جڏهن ته هڪ شخص لاپتا ٿي ويو
پرڏيهي خابرو اداري جاپاني موسميات کاتي جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته ٽوڪيو جي ويجهو چيبا شهر ۾ 24 ڪلاڪن دوران 367 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي، جيڪا هڪ مهيني جي سراسري برسات کان ٽي ڀيرا وڌيڪ آهي.
خابرو اداري موجب 25 هزار کان وڌيڪ گهرن جي بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي آهي، جڏهن ته خراب موسم سبب 7 هزار کان وڌيڪ مسافر هوائي اڏن تي ڦاسي پيا آهن. ان کان علاوه درجنين ريل گاڏيون منسوخ ۽ مک شاهراهون بند ڪيون ويون آهن.
اختيارين طوفاني برسات کان پوءِ شهر ۾ هنگامي صورتحال جو هاءِ الرٽ جاري ڪندي سوين ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته متاثر علائقن ۾ امدادي ڪاررواين لاءِ فوج جي مدد پڻ حاصل ڪئي وئي آهي.