ڀارتي فلم انڊسٽري جي پروڊيوسر شيليندر سنگهه سلمان خان بابت هڪ حيران ڪندڙ انڪشاف ڪيو آهي
ڀارتي ميڊيا موجب پروڊيوسر شيليندر سنگهه هڪ انٽرويو دوران ماضي جون ڳالهيون ياد ڪندي ٻڌايو ته هڪ رات هو سلمان خان سان ملڻ لاءِ سندس گهر ويو هو. سلمان جي مينيجر ريشما شيٽي نشاندهي ڪئي ته سپر اسٽار جا وار ڪري رهيا آهن. ان سلسلي ۾ مون وارن جي ممڪن علاج بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ شروع ڪئي. ان دوران هڪ ميٽنگ جي سلسلي ۾ سلمان سان ملڻ ويس ته مان اتي اهو منظر ڏسي حيران رهجي ويس
هن انڪشاف ڪيو ته سلمان خان جي هڪ منفرد عادت هئي ته هو آئيني ۾ ڏسندي کاڌو کائيندو هو. اسان ڪچن ۾ ويٺا هئاسين ۽ هو برياني کائي رهيو هو. ڪچن ۾ هڪ ننڍڙي ميز هئي، جنهن جي سامهون آئينو لڳل هو. جيتوڻيڪ توهان سندس ڀرسان ويٺا هوندا آهيو، پر هو آئيني ۾ ڏسي ڳالهيون ڪندو هو
هن وڌيڪ ٻڌايو ته ان دوران هڪ شخص طبي اوزار کڻي ڪمري ۾ داخل ٿيو، دستانا پاتا ۽ ڳالهه ٻولهه ۾ مداخلت ڪرڻ کانسواءِ سلمان جي مٿي جي چمڙي ۾ انجڪشن هڻڻ شروع ڪري ڇڏيا. مون کي اهو ڏسي تجسس ٿيو، تنهن تي مون سلمان کان پڇيو ته هي ڇا ٿي رهيو آهي؟ هن جواب ڏنو، "ڀاءُ، اسٽار بڻجڻ جي هڪ قيمت ادا ڪرڻي پوندي." ان دوران وارن جي علاج جو عمل جاري رهيو ۽ هو ساڳئي وقت برياني به کائيندو رهيو
شيليندر سنگهه جو چوڻ آهي ته بعد ۾ کيس معلوم ٿيو ته سلمان پليٽليٽ رچ پلازما (پي آر پي) ٿراپي ڪرائي رهيو هو