بالي ووڊ اداڪار سلمان خان فلم ’ڪالا هرڻ‘ ڪيس ۾ قانوني جنگ کٽي ورتي آهي. ڀارتي ميڊيا موجب سلمان خان جي ڪاري هرڻ واري ڪيس سان ملندڙ جلندڙ فلم ’ڪالا هرڻ: دي بيٽل فار ليگيسي‘ ٺاهي پئي وڃي، جنهن بابت اداڪار موقف اختيار ڪيو ته ان سان سندس ساک کي نقصان پهچي رهيو آهي. دهلي هاءِ ڪورٽ سلمان خان جي درخواست تي ٻڌڻي ڪندي فلم جي پروڊيوسر کي هدايت ڪئي ته فلم جو پروموشنل مواد فوري طور سڀني سوشل ميڊيا پليٽ فارمن تان هٽايو وڃي. عدالت چيو ته جيڪڏهن پروڊيوسر پاڻ ٽيزر نه هٽائيندا ته پوءِ ايڪس، يوٽيوب ۽ ٻين سوشل ميڊيا پليٽ فارمن کي اهو مواد هٽائڻ جو حڪم ڏنو ويندو. عدالت ٽيزر ڏسڻ کانپوءِ ان جي آن لائن موجودگي تي سخت ناراضگي ظاهر ڪندي چيو ته اهڙو مواد سلمان خان جي ساک کي نقصان پهچائي رهيو آهي ۽ ڪنهن به عام ماڻهو سان به اهڙو سلوڪ نٿو ڪري سگهجي. واضح رهي ته سلمان خان عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو هو ته فلم 1998ع واري ڪاري هرڻ جي شڪار واري ڪيس ۽ گينگسٽر لارنس بشنوئي سان سندس مبينا تڪرار کي ظاهر ڪري ٿي.