ڀارت ۾ شاگرد تنظيمن جي احتجاج دوران سپر اسٽار سلمان خان جي جم ۾ ورتل تصويرون ۽ ٻه معنائن واري پوسٽ وائرل ٿي وئي آهي.
سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي سلمان خان پنهنجي جم ۾ ورتل تصويرون شيئر ڪيون، جن ۾ کيس مٿي تي اڇو ٽوال رکيل ڏسي سگهجي ٿو
هن پوسٽ جي ڪيپشن ۾ لکيل هو: "سلمان خان ڊڄي ويو، جيڪو ڊڄي ويو اهو مري ويو
هن ٻه معنائن واري پوسٽ تي رڳو ڪجهه ئي ڪلاڪن اندر هزارين تبصرا ڪيا ويا
واضح رهي ته ان کان اڳ سلمان خان جي ممبئي ۾ سلم ري هيبيليٽيشن اٿارٽي (SRA) پاران منعقد ڪيل سرڪاري تقريب ۾ شرڪت واري وڊيو ڏسي مداح پريشان ٿي ويا هئا
ان وڊيو ۾ سلمان خان پنهنجي روايتي دبنگ انداز بدران ڪمزور، بيمار ۽ ٿڪل نظر اچي رهيو هو، جنهن سبب مداحن جي ڳڻتي ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو