ميڊرڊ: تازو ارجنٽينا کي شڪست ڏئي فيفا ورلڊ ڪپ کٽيندڙ اسپين جي اسٽار فٽبالر مارڪ ڪوڪوريلا جي ڊگهن وارن پويان هڪ جذباتي ڪهاڻي سامهون آئي آهي.
اسپينش فٽبالر مارڪ ڪوڪوريلا جا گهنڊيدار ڊگها وار سڄي دنيا ۾ سندس سڃاڻپ بڻجي چڪا آهن، پر سندس لاءِ اهي رڳو هڪ منفرد انداز نه، پر پنهنجي وڏي پٽ ماٽيو سان جڙيل هڪ جذباتي تعلق پڻ آهن.
ميڊيا رپورٽن موجب، ڪوڪوريلا ڄاڻي واڻي ڊگها وار رکيا ۽ هو ميچ دوران پنهنجا وار نه ٻڌندو آهي، جيئن سندس وڏو پٽ ماٽيو، جيڪو آٽزم جو شڪار آهي، ميدان ۾ کيس آساني سان سڃاڻي سگهي.
هي سادو فيصلو سندس لاءِ پيءُ هجڻ جي ذميواري ۽ پنهنجي پٽ سان محبت جي علامت بڻجي ويو آهي.
اسپين جي ورلڊ ڪپ فتح کان پوءِ ڪوڪوريلا جي اها جذباتي ڪهاڻي ٻيهر ڌيان جو مرڪز بڻجي وئي آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، فٽبال جي ميدان کان ٻاهر ڪوڪوريلا ۽ سندس ٻارن جي ماءُ ڪلاڊيا روڊريگيز پنهنجي پٽ ۾ آٽزم جي تشخيص کان پوءِ ڏکين حالتن کي منهن ڏنو.
ايميزون پرائم جي هڪ دستاويزي فلم ۾ ڪلاڊيا ٻڌايو ته جڏهن کين محسوس ٿيو ته چار سال اڳ ڄاول سندن پٽ ٻين ٻارن کان مختلف نموني سان وڌي رهيو آهي ته هو مدد جي ڳولا دوران سخت ذهني دٻاءَ ۾ رهيا.
هن چيو ته هو هر روز پنهنجي پٽ کي اسڪول ڇڏي ايندا هئا ۽ واپسي تي روئيندا هئا. ان وقت هوءَ پنهنجي ٻئي ٻار ريو جي ماءُ به بڻجڻ واري هئي.
مارڪ ڪوڪوريلا پڻ اعتراف ڪيو ته پنهنجي پٽ ۾ آٽزم جي تشخيص کي قبول ڪرڻ آسان نه هو. سندس چوڻ هو ته جڏهن خبر پوي ٿي ته توهان جو ٻار آٽزم سان آهي ته والدين به ان لاءِ تيار ناهن هوندا، اسان کي به گهڻو ڪجهه سکڻو پيو. "ڪاش مون وٽ هڪ روپيو به نه هجي ها، پر منهنجو پٽ مڪمل طور صحتمند هجي ها."
واضح رهي ته مارڪ ڪوڪوريلا ۽ ڪلاڊيا، جيڪي 2018 کان گڏ آهن، هن وقت ٽن ٻارن ماٽيو، ريو ۽ بيلا جا والدين آهن.