ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
03 اکتوبر 2026
فيفا ورلڊ ڪپ 2026: اسپين چيمپيئن، 5 ڪروڙ ڊالر انعامي رقم حاصل

فيفا ورلڊ ڪپ 2026: اسپين چيمپيئن، 5 ڪروڙ ڊالر انعامي رقم حاصل


فيفا ورلڊ ڪپ 2026 جي فائنل ۾ دفاعي چيمپيئن ارجنٽينا کي شڪست ڏئي ٻيهر ورلڊ ڪپ کٽيندڙ اسپين جي ٽيم تي ڊالرن جي برسات ٿي وئي. نيويارڪ ۾ کيڏيل سنسني خيز فائنل ۾ اسپين ارجنٽينا کي صفر جي مقابلي ۾ هڪ گول سان شڪست ڏني. راند جو ريگيولر وقت بغير ڪنهن گول جي ختم ٿيو. اضافي وقت جي پهرين هاف ۾ به مقابلو بغير ڪنهن گول جي برابر رهيو. پوءِ اضافي وقت جو ٻيو ۽ فيصلائتو هاف آيو، جنهن جي شروعات ۾ ئي اسپيني رانديگر فيرن ٽوريس کي گول ڪرڻ جو موقعو مليو، جيڪو هن ضايع نه ڪيو، ۽ اهڙي طرح اسپين جي ٽيم 16 سالن کانپوءِ ٻيهر ورلڊ ڪپ چيمپيئن بڻجي وئي. ورلڊ ڪپ 2026 جي فاتح ٽيم اسپين کي 5 ڪروڙ ڊالر انعامي رقم ملي، جڏهن ته گذريل ايڊيشن جي فاتح ٽيم کي 4 ڪروڙ 20 لک ڊالر انعامي رقم ڏني وئي هئي. فيفا ورلڊ ڪپ جي رنر اپ ٽيم ارجنٽينا کي 3 ڪروڙ 30 لک ڊالر انعامي رقم ملي. ان کان علاوه ٽئين نمبر تي آيل ٽيم انگلينڊ کي 2 ڪروڙ 90 لک ۽ چوٿين نمبر واري ٽيم فرانس کي 2 ڪروڙ 70 لک ڊالر مليا. اعلاميي موجب 2026 جي فيفا ورلڊ ڪپ ۾ مجموعي طور 65 ڪروڙ 50 لک ڊالر انعامي رقم ورهائي وئي، جڏهن ته 2022 جي فيفا ورلڊ ڪپ ۾ مجموعي طور 44 ڪروڙ ڊالر انعامي رقم ورهائي وئي هئي.



ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
اولمپڪ گولڊ ميڊلسٽ ارشد نديم جو پرڏيهي ٽريننگ جو فيصلو
اولمپڪ گولڊ ميڊلسٽ ارشد نديم جو پرڏيهي ٽريننگ جو ف…
12 Aug 2026
اڳوڻي ڪرڪيٽر عاقب جاويد جي ڌيءَ برطانيا ۾ شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي وئي
اڳوڻي ڪرڪيٽر عاقب جاويد جي ڌيءَ برطانيا ۾ شادي جي …
13 Aug 2026
فيفا جي صدر جاني انفانٽينو کي وڏو ڌڪ، آئرلينڊ فٽبال ايسوسيئيشن حمايت واپس وٺي ڇڏي
فيفا جي صدر جاني انفانٽينو کي وڏو ڌڪ، آئرلينڊ فٽبا…
14 Aug 2026
”شايد هي منهنجو آخري سال هجي“ رونالڊو رٽائرمينٽ جو اشارو ڏئي ڇڏيو
”شايد هي منهنجو آخري سال هجي“ رونالڊو رٽائرمينٽ جو…
17 Aug 2026
هاڪي ورلڊ ڪپ 2026: ڀارت خلاف ميچ ۾ پاڪستاني ٽيم تي دٻاءُ نه هوندو، اسسٽنٽ ڪوچ عدنان ذاڪر
هاڪي ورلڊ ڪپ 2026: ڀارت خلاف ميچ ۾ پاڪستاني ٽيم تي…
19 Aug 2026
شاهين آفريدي جي تباهه ڪندڙ بالنگ، پاڪستان گولڊ گرينز کي شڪست ڏئي نيشنل چيمپئنز ڪپ کٽي ورتو
شاهين آفريدي جي تباهه ڪندڙ بالنگ، پاڪستان گولڊ گري…
19 Aug 2026
پاڪستاني نوجوان ڪوهنورد اسما مشتاق ’اسپانٽڪ‘ سر ڪرڻ کانپوءِ فوت ٿي وئي
پاڪستاني نوجوان ڪوهنورد اسما مشتاق ’اسپانٽڪ‘ سر ڪر…
21 Aug 2026
انگلينڊ جي دوري تي موجوده پاڪستان ٽيسٽ ٽيم 50 سالن جي ڪمزور ترين ٽيم قرار
انگلينڊ جي دوري تي موجوده پاڪستان ٽيسٽ ٽيم 50 سالن…
21 Aug 2026
جو روٽ ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪيچز جو ورلڊ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو
جو روٽ ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪيچز جو ورلڊ رڪارڊ…
22 Aug 2026
پاڪستان وومين فٽبال ٽيم جي رانديگرياڻي مريم محمود جو نالو برطانوي ڪلب ريڪسهم اي ايف سي جي آنر بورڊ تي شامل
پاڪستان وومين فٽبال ٽيم جي رانديگرياڻي مريم محمود …
22 Aug 2026