بالي ووڊ جي مشهور اداڪار سني ديول پاڪستان بابت پنهنجي تازي بيان ۾ ٻنهي ملڪن جي تاريخي ۽ ثقافتي لاڳاپن جو ذڪر ڪيو آهي
اداڪار هن وقت پنهنجي نئين فلم "بٽوارا (1947)" جي تشهيري مهم ۾ مصروف آهي، جيڪا ورهاڱي دوران پيش آيل تاريخي واقعن تي ٻڌل آهي. هي فلم 14 آگسٽ 2026ع تي پاڪستان کانسواءِ دنيا جي ٻين ملڪن ۾ به رليز ڪئي ويندي.
تشهيري مهم دوران هڪ صحافي سني ديول کان پڇيو ته ڇا هن فلم جي شوٽنگ پاڪستان ۾ ڪئي وئي هئي ۽ هو پاڪستان، اتان جي ماحول ۽ ماڻهن بابت ڇا ٿو سوچي.
جواب ۾ سني ديول چيو ته فلم جي سموري شوٽنگ ڀارت ۾ ڪئي وئي، پر سندس والد هميشه چوندو هو ته جيڪڏهن ڀارت منهنجي ماءُ آهي ته پاڪستان منهنجي ماءُ جي ڀيڻ (ماسي) آهي، تنهن ڪري ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ هڪ رشتو ضرور موجود آهي.
سني ديول جي هن بيان کان پوءِ سوشل ميڊيا تي ڪيترن ئي صارفين سندس خيالن کي متوازن قرار ڏيندي مختلف تبصرا ڪيا.