لاهور: قومي ٽيم جي فاسٽ بالر نسيم شاهه پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي نئين سسٽم مان سٺين تبديلين جي اميد ظاهر ڪري ڇڏي
نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۾ وائيٽ بال ڪيمپ جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي نسيم شاهه چيو ته رانديگرن لاءِ جيڪو نئون سسٽم آيو آهي، ان مان سٺين تبديلين جي اميد رکون ٿا، هاڻي اهو رانديگر جي ذميواري آهي ته هو پنهنجي لوڊ مينيجمينٽ پاڻ سنڀالي.
هن چيو ته مان مڃان ٿو ته منهنجي ڪارڪردگي اهڙي نه رهي، جهڙي هئڻ گهرجي هئي، بالنگ يونٽ طور به اسان جي ڪارڪردگي سٺي نه رهي، پر جنهن رفتار سان ڪرڪيٽ تبديل ٿي رهي آهي، اها اسان لاءِ حيران ڪندڙ ڳالهه آهي.
فاسٽ بالر نسيم شاهه وڌيڪ چيو ته مون کي ڪافي وقت مليو ۽ مون پنهنجي جسماني فٽنيس تي تمام گهڻو ڪم ڪيو، پر جيڪي گرائونڊ تي ٿيندڙ انجريون آهن، اهي اسان جي ڪنٽرول ۾ ناهن.