ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
24 مئی 2026
 اها خاتون جنهن ڏهاڪن جي محنت سان هڪ صحرا کي سرسبز جنگل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو

اها خاتون جنهن ڏهاڪن جي محنت سان هڪ صحرا کي سرسبز جنگل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو


چين جي خودمختيار خطي اندروني منگوليا سان تعلق رکندڙ 60 ورهين جي خاتون Yin Yuzhen ڏهاڪن کان صحرا ۾ وڻڪاري جو ڪم ڪري رهي آهي.

هن شروعات تڏهن ڪئي جڏهن ڪيترائي سال اڳ هڪ آمريڪي شخص Ronald Sokolsky کيس 5 هزار ڊالر عطيو ڏنا.

هاڻي هن خاتون ان ئي آمريڪي شخص کي دعوت ڏني آهي ته اچي اهو جنگل ڏسي جيڪو سندس عطيي جي مدد سان وجود ۾ آيو.

Yin Yuzhen کي سال 2000 ۾ چين جي اسٽيٽ ڪائونسل طرفان نيشنل ماڊل ورڪر قرار ڏنو ويو هو، ڇو ته هوءَ ڊگهي عرصي کان صحرا کي سرسبز ڪرڻ تي ڪم ڪري رهي آهي.

چين جي صوبي شانشي سان تعلق رکندڙ هڪ غريب گهراڻي مان نڪتل Yin Yuzhen جي شادي 1980 جي ڏهاڪي ۾ اندروني منگوليا جي صحراءِ ماوووس ۾ رهندڙ هڪ شخص سان ٿي.

اهو علائقو چين جي چار وڏن صحراين مان هڪ آهي.

ان وقت کان Yin Yuzhen ۽ سندس مڙس گڏجي وڻڪاري ڪندا رهيا ته جيئن خشڪ سالي جي مسئلن تي قابو پائي سگهجي.

1999 ۾ چين جي سرڪاري ميڊيا ادارو China Central Television (CCTV) هن بابت رپورٽ نشر ڪئي، جنهن بعد آمريڪي شهري Ronald Sokolsky متاثر ٿيو ۽ هن 5 هزار ڊالر عطيو ڏنو.

Yin Yuzhen موجب، هن ڪڏهن ايتري رقم نه ڏٺي هئي، ۽ هن اها رقم ٻج خريد ڪرڻ ۽ وڻ لڳائڻ لاءِ استعمال ڪئي.

هن ٻڌايو ته جڏهن رونالڊ ساکولسڪي آيو ته هن صحرا ۾ وڻ لڳائڻ جو ڪم ڏٺو ۽ چيو ته “ناممڪن، ناممڪن”.

پر ڏهاڪن بعد اهي ٻج 50 هزار کان وڌيڪ وڏن وڻن ۾ تبديل ٿي ويا.

مئي 2026 جي شروعات ۾ Yin Yuzhen هينان جي هڪ اسڪول سان رابطو ڪيو جتي آمريڪي شخص اڳ ۾ انگريزي پڙهائيندو هو، ۽ کيس ڳولڻ جي درخواست ڪئي.

17 مئي تي اسڪول جي وائس پرنسپل آمريڪي شخص سان فون ذريعي رابطو ڪيو ۽ کيس ٻڌايو ته Yin Yuzhen سندس عطيو هڪ جنگل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي.

هاڻي اهو واضح ناهي ته Ronald Sokolsky ڪڏهن اتي جو دورو ڪندو، پر Yin Yuzhen اميد رکي ٿي ته هو جلد اچي ڏسي ته سندس عطيو ڪيئن استعمال ٿيو.


ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
پاڪستان جي ٽياڪڙي ۾ ڳالهيون ناڪام ناهن ٿيون،پرآمريڪا تي اعتبار ڪونهي:عباس عراقچي
پاڪستان جي ٽياڪڙي ۾ ڳالهيون ناڪام ناهن ٿيون،پرآمري…
16 May 2026
13 لک کان مٿي حج پانڌيئڙن مسجد الحرام ۽ مسجد نبوي صه ۾ جمعي نماز ادا ڪئي
13 لک کان مٿي حج پانڌيئڙن مسجد الحرام ۽ مسجد نبوي …
16 May 2026
ايران سان جنگ روڪڻ جي حق ۾ نه هئس، جنگ بندي ڪري پاڪستان تي ٿورو ڪيم: ٽرمپ
ايران سان جنگ روڪڻ جي حق ۾ نه هئس، جنگ بندي ڪري پا…
16 May 2026
نفيسياتي مسئلن سبب فوج ڇڏڻ وارن اهلڪارن جو انگ وڌي ويو
نفيسياتي مسئلن سبب فوج ڇڏڻ وارن اهلڪارن جو انگ وڌي…
20 May 2026
ٽرمپ جي دوري کانپوءِ چين جو آمريڪا کان جهاز ۽ انجڻيون خريدڻ جو اعلان
ٽرمپ جي دوري کانپوءِ چين جو آمريڪا کان جهاز ۽ انجڻ…
20 May 2026
آمريڪي فوجي حملن خلاف اخلاقي ۽ منصفاڻو موقف اختيار ڪرڻ تي پوپ ليو جا ٿورائتا آهيون: ايراني صدر
آمريڪي فوجي حملن خلاف اخلاقي ۽ منصفاڻو موقف اختيار…
20 May 2026
پاڪستاني ٽياڪڙ ذريعي ڳالهيون جاري آهن، آمريڪي شرطن جو جواب اُماڻي ڇڏيو آهي: ايران
پاڪستاني ٽياڪڙ ذريعي ڳالهيون جاري آهن، آمريڪي شرطن…
20 May 2026
چين ۾ دنيا جي پهرين پاڻي هيٺ ڊيٽا سينٽر ڪم شروع ڪري ڇڏيو۔
چين ۾ دنيا جي پهرين پاڻي هيٺ ڊيٽا سينٽر ڪم شروع ڪر…
22 May 2026
پاڪستان جون سفارتي ڪوششون تيز: فيلڊ مارشل عاصم منير جي تهران ۾ عباس عراقچي سان ملاقات
پاڪستان جون سفارتي ڪوششون تيز: فيلڊ مارشل عاصم مني…
23 May 2026
سعودي عرب ۾ حاجين جو انگ 15 لک 18 هزار کان وڌي ويو
سعودي عرب ۾ حاجين جو انگ 15 لک 18 هزار کان وڌي ويو
23 May 2026