ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
24 مئی 2026
چين ۾ دنيا جي پهرين پاڻي هيٺ ڊيٽا سينٽر ڪم شروع ڪري ڇڏيو۔

چين ۾ دنيا جي پهرين پاڻي هيٺ ڊيٽا سينٽر ڪم شروع ڪري ڇڏيو۔

چين ۾ سمنڊ هيٺ تعمير ڪيل هڪ ڊيٽا سينٽر ڪمرشل آپريشنز جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جا سرور ماڊيولز سمنڊ جي اندر ڪم ڪري رهيا آهن۔

هن منصوبي ۾ آف شور ونڊ جنريشن کي پڻ شامل ڪيو ويو آهي ته جيئن زيرِ سمنڊ ڪمپيوٽنگ انفراسٽرڪچر لاءِ بجلي جي ضرورتن کي گهٽائي سگهجي۔

هن کي دنيا جو پهريون زيرِ آب ڊيٽا سينٽر قرار ڏنو ويو آهي، جيڪو شنگهائي ڀرسان ليانگانگ اسپيشل ايريا ۾ تعمير ڪيو ويو، جنهن اندر 2 هزار سرور موجود آهن۔

هي ڊيٽا سينٽر سمنڊ جي سطح کان لڳ ڀڳ 35 ميٽر کوٽائي ۾ موجود آهي۔

چيني اختيارين ۽ هڪ نجي ڪمپني هاءِ ڪلائوڊ ٽيڪنالاجي گڏيل طور تي 22 ڪروڙ 60 لک ڊالر ماليت جو هي ڊيٽا سينٽر تعمير ڪيو آهي۔

هن ۾ موجود سرورز آرٽيفيشل انٽيليجنس ورڪ لوڊز، 5G سروسز ۽ ٻين آپريشنز کي سنڀالڻ جي صلاحيت رکن ٿا۔

روايتي ڊيٽا سينٽرن جي ابتڙ، هن ڊيٽا سينٽر کي ٿڌو رکڻ لاءِ سامونڊي پاڻي استعمال ڪيو ويندو۔

سامونڊي پاڻي سان ڊيٽا سينٽر کي ٿڌو رکڻ سبب توانائي جي استعمال ۾ نمايان گهٽتائي ايندي۔

واضح رهي ته زمين جي سطح تي موجود ڊيٽا سينٽرن کي پنهنجي ڪم لاءِ تمام گهڻي مقدار ۾ بجلي جي ضرورت هوندي آهي۔

موجوده دور ۾ اڪثر ويب سائيٽن ۽ ٻين ايپس لاءِ ڊيٽا سينٽرن تي ڀاڙيو وڃي ٿو، جڏهن ته اي آءِ ۽ ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ جو استعمال تيزي سان وڌي رهيو آهي۔

ڊيٽا سينٽر جڏهن فعال ٿين ٿا ته اهي تمام گهڻي گرمي خارج ڪن ٿا، جنهن سبب انهن کي ٿڌو رکڻ لاءِ ڪولنگ سسٽمز جي ضرورت پوي ٿي، ۽ انهن سسٽمز لاءِ تمام گهڻي توانائي استعمال ٿيندي آهي۔


ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
پاڪستان جي ٽياڪڙي ۾ ڳالهيون ناڪام ناهن ٿيون،پرآمريڪا تي اعتبار ڪونهي:عباس عراقچي
پاڪستان جي ٽياڪڙي ۾ ڳالهيون ناڪام ناهن ٿيون،پرآمري…
16 May 2026
13 لک کان مٿي حج پانڌيئڙن مسجد الحرام ۽ مسجد نبوي صه ۾ جمعي نماز ادا ڪئي
13 لک کان مٿي حج پانڌيئڙن مسجد الحرام ۽ مسجد نبوي …
16 May 2026
ايران سان جنگ روڪڻ جي حق ۾ نه هئس، جنگ بندي ڪري پاڪستان تي ٿورو ڪيم: ٽرمپ
ايران سان جنگ روڪڻ جي حق ۾ نه هئس، جنگ بندي ڪري پا…
16 May 2026
نفيسياتي مسئلن سبب فوج ڇڏڻ وارن اهلڪارن جو انگ وڌي ويو
نفيسياتي مسئلن سبب فوج ڇڏڻ وارن اهلڪارن جو انگ وڌي…
20 May 2026
ٽرمپ جي دوري کانپوءِ چين جو آمريڪا کان جهاز ۽ انجڻيون خريدڻ جو اعلان
ٽرمپ جي دوري کانپوءِ چين جو آمريڪا کان جهاز ۽ انجڻ…
20 May 2026
آمريڪي فوجي حملن خلاف اخلاقي ۽ منصفاڻو موقف اختيار ڪرڻ تي پوپ ليو جا ٿورائتا آهيون: ايراني صدر
آمريڪي فوجي حملن خلاف اخلاقي ۽ منصفاڻو موقف اختيار…
20 May 2026
پاڪستاني ٽياڪڙ ذريعي ڳالهيون جاري آهن، آمريڪي شرطن جو جواب اُماڻي ڇڏيو آهي: ايران
پاڪستاني ٽياڪڙ ذريعي ڳالهيون جاري آهن، آمريڪي شرطن…
20 May 2026
 اها خاتون جنهن ڏهاڪن جي محنت سان هڪ صحرا کي سرسبز جنگل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو
اها خاتون جنهن ڏهاڪن جي محنت سان هڪ صحرا کي سرسبز…
22 May 2026
پاڪستان جون سفارتي ڪوششون تيز: فيلڊ مارشل عاصم منير جي تهران ۾ عباس عراقچي سان ملاقات
پاڪستان جون سفارتي ڪوششون تيز: فيلڊ مارشل عاصم مني…
23 May 2026
سعودي عرب ۾ حاجين جو انگ 15 لک 18 هزار کان وڌي ويو
سعودي عرب ۾ حاجين جو انگ 15 لک 18 هزار کان وڌي ويو
23 May 2026