دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ مڪمل ۽ جزوي سج گرهڻ جو نظارو ڪيو ويو، جڏهن ته ڏينهن ۾ اونداهي ڇانئجڻ جو منظر ڏسڻ لاءِ لکين ماڻهو کليل هنڌن تي گڏ ٿيا. پاڪستاني وقت موجب سج گرهڻ رات 8 لڳي 34 منٽن تي شروع ٿيو. يورپ ۾ گرين لينڊ، آئس لينڊ، اسپين ۽ روس ۾ مڪمل سج گرهڻ ڏٺو ويو، جڏهن ته فرانس، برطانيا ۽ ٻين يورپي ملڪن ۾ جزوي سج گرهڻ جو نظارو ڪيو ويو. يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ سج گرهڻ سبب سج لهڻ کان اڳ ئي ڏينهن ۾ اونداهي ڇانئجي وئي. لکين ماڻهن خاص حفاظتي چشما پائي ان منفرد فلڪياتي منظر جو مشاهدو ڪيو. لنڊن جي رائل آبزرويٽري مان جزوي سج گرهڻ ڏسڻ لاءِ به سوين ماڻهو گڏ ٿيا، جيڪي کاڌي پيتي جو سامان کڻي گرينچ پارڪ پهتا.