ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
10 جولائی 2026
انگريزي ڳالهائڻ يا سمجهڻ ڏکيو لڳي ٿو؟ هاڻي گوگل توهان جي مدد ڪندو

انگريزي ڳالهائڻ يا سمجهڻ ڏکيو لڳي ٿو؟ هاڻي گوگل توهان جي مدد ڪندو


ويسے ته انٽرنيٽ تي هر شيءِ کي ڄاڻڻ لاءِ ماڻهو گوگل ڏانهن رخ ڪندا آهن، پر هاڻي جڏهن ڪو ماڻهو انگريزي يا ڪنهن ٻي ٻولي ۾ ڳالهائيندو جيڪو سمجهڻ يا ڳالهائڻ ڏکيو لڳي، ته گوگل واقعي ان ۾ توهان جي مدد ڪندو.

هاڻي گوگل هڪ نئون آرٽيفيشل انٽيليجنس (AI) ٽول متعارف ڪرايو آهي جيڪو رئيل ٽائيم ۾ ڪنهن به فرد جي گفتگو جو ترجمو ڪندو ته جيئن توهان ڪنهن به ماڻهو سان ٻي ٻولي ۾ بهتر انداز سان ڳالهائي سگهو. گوگل جو هي نئون “Gemini 3.5 Live Translate” نالي AI ٽول مسلسل ٻڌڻ، ترجمو ڪرڻ ۽ ڳالهائڻ جي صلاحيت رکي ٿو، جنهن سان چند سيڪنڊن اندر قدرتي انداز ۾ گفتگو جاري رکي سگهجي ٿي.

ڪمپني موجب هي AI سسٽم 70 کان وڌيڪ ٻولين کي سپورٽ ڪري ٿو. گوگل جو چوڻ آهي ته هي ٽيڪنالاجي هاڻي ڊولپرز ۽ پارٽنرز لاءِ به دستياب آهي، جيڪي ان کي ميٽنگز، ڪميونيڪيشن پليٽ فارمز ۽ موبائل ايپس ۾ استعمال ڪري سگهن ٿا.

هن ٽول ۾ توهان کي ڳالهائيندڙ جي جملي جي مڪمل ٿيڻ جو انتظار ڪرڻ جي ضرورت نه پوندي، ڇو ته هي سسٽم مسلسل ترجمو ڪندو رهندو جنهن سان ڳالهه ٻولهه ۾ دير نه ٿيندي. ڪمپني وڌيڪ ٻڌايو ته هي ٽول شور واري ماحول ۾ به ڪم ڪري سگهي ٿو ۽ پسمنظر جي آوازن کي به سنڀالي سگهي ٿو.

گوگل جو هي سسٽم آواز جي معيار تي به خاص ڌيان ڏئي ٿو، جنهن سان ڳالهائيندڙ جي رفتار، انداز ۽ لهجو محفوظ رهندو ۽ ترجمو ٿيل آواز وڌيڪ قدرتي محسوس ٿيندو، جنهن سان گفتگو جو وهڪرو هموار رهندو.


ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
فون نمبر بدران يوزر نيم! واٽس ايپ جو نئون ۽ منفرد پرائيويسي فيچر متعارف
فون نمبر بدران يوزر نيم! واٽس ايپ جو نئون ۽ منفرد …
30 Jun 2026
چيني سائنسدانن بجلي کان سواءِ سامونڊي پاڻي کي پيئڻ لائق بڻائڻ واري ٽيڪنالاجي تيار ڪري ورتي
چيني سائنسدانن بجلي کان سواءِ سامونڊي پاڻي کي پيئڻ…
01 Jul 2026
گوگل اڳ کان وڌيڪ تيز ۽ سستو نينو بنانا 2 لائيٽ متعارف ڪرائي ڇڏيو
گوگل اڳ کان وڌيڪ تيز ۽ سستو نينو بنانا 2 لائيٽ متع…
01 Jul 2026
امارات: ٻارن جي رسائي نه روڪڻ تي سوشل ميڊيا پليٽ فارمن تي ڏنڊ لاڳو ٿيندا
امارات: ٻارن جي رسائي نه روڪڻ تي سوشل ميڊيا پليٽ ف…
02 Jul 2026
سب ميرين ڪيبل جي خرابي دور، انٽرنيٽ سروس بنا رڪاوٽ جاري: پي ٽي اي
سب ميرين ڪيبل جي خرابي دور، انٽرنيٽ سروس بنا رڪاوٽ…
03 Jul 2026
يوٽيوب شارٽس ۾ صارفين لاءِ ڪيترائي نوان فيچرز متعارف
يوٽيوب شارٽس ۾ صارفين لاءِ ڪيترائي نوان فيچرز متعا…
03 Jul 2026
انٽارڪٽيڪا جو سون اگليندڙ آتش فشان، سائنسدان اڃا تائين معمو حل نه ڪري سگهيا
انٽارڪٽيڪا جو سون اگليندڙ آتش فشان، سائنسدان اڃا ت…
04 Jul 2026
فضائي آلودگي مردن ۾ بانجھپڻ جو خطرو وڌائي سگهي ٿي، نئين تحقيق ۾ اهم انڪشاف
فضائي آلودگي مردن ۾ بانجھپڻ جو خطرو وڌائي سگهي ٿي،…
07 Jul 2026
اڄ زمين جي 99 سيڪڙو آبادي هڪ ئي وقت سج جي روشني مان فائدو ڪيئن وٺندي؟
اڄ زمين جي 99 سيڪڙو آبادي هڪ ئي وقت سج جي روشني ما…
08 Jul 2026
جاپاني شاگرد چيٽ جي پي ٽي جي مدد سان 46 هزار اينيمي اڪائونٽس ڊليٽ ڪري ڇڏيا
جاپاني شاگرد چيٽ جي پي ٽي جي مدد سان 46 هزار اينيم…
09 Jul 2026