واشنگٽن: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪا ۾ درآمد ٿيندڙ بغير پائلٽ ڊرونز ۽ انهن جي پرزن تي 100 سيڪڙو تائين ٽيرف لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو
وائيٽ هائوس جي بيان موجب صدر ٽرمپ درآمد ٿيندڙ ڊرونز تي 100 سيڪڙو تائين ٽيرف لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته اهو فيصلو قومي سلامتي جي بنياد تي ڪيو ويو آهي.
وائيٽ هائوس جو چوڻ آهي ته ڪجهه بغير پائلٽ ڊرون سسٽمز، جن جو وزن 25 ڪلوگرام کان وڌيڪ آهي ۽ جن ۾ ٿرمل اميجرز ۽ ڊاڪنگ اسٽيشنز جهڙيون صلاحيتون موجود آهن، انهن جي درآمد تي 100 سيڪڙو ڊيوٽي لاڳو ڪئي ويندي.
وائيٽ هائوس موجب ننڍن ڊرونز تي 25 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ٿيندو، جڏهن ته اڪثر نوان ٽيرف 3 سيپٽمبر کان لاڳو ٿيندا.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته نون ٽيرفن جو مقصد ڊرونز ۽ انهن جي پرزن جي مقامي پيداوار ۾ اضافو ڪرڻ ۽ پرڏيهي سپلاءِ چينز تي انحصار گهٽائڻ آهي.
واضح رهي ته گذريل هفتي چين به آمريڪا کي ڊرونز جي برآمدات تي پابنديون لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو ۽ واشنگٽن طرفان جبري مزدوري ۽ قومي سلامتي جي خدشن سبب لاڳو ڪيل واپاري پابندين جي جواب ۾ 6 ڪمپنين کي بليڪ لسٽ ڪيو هو.
اهو قدم آمريڪا طرفان چين ۽ ٻين 59 ملڪن تي نوان ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڪجهه ڏينهن کانپوءِ سامهون آيو آهي.