آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وائيٽ هائوس جي پريس سيڪريٽري ڪيرولين ليوٽ جي عهدي ڇڏڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته وائيٽ هائوس جي پريس سيڪريٽري ڪيرولين ليوٽ هلندڙ مهيني جي آخر ۾ پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏيندي. آمريڪي صدر ڪيرولين ليوٽ کي بهترين پريس سيڪريٽرين مان هڪ قرار ڏيندي چيو ته هن 2018ع کان 2024ع جي چونڊ مهم سميت انصاف ۽ آزادي لاءِ شاندار ڪم ڪيو. 28 ورهين جي ليوٽ آمريڪي تاريخ جي سڀ کان گهٽ عمر واري وائيٽ هائوس پريس سيڪريٽري آهي. ان حوالي سان ڪيرولين ليوٽ چيو ته هوءَ پنهنجي ننڍن ٻارن سان وڌيڪ وقت گذارڻ چاهي ٿي. ياد رهي ته ڪيرولين ليوٽ مئي ۾ ڌيءَ کي جنم ڏنو هو ۽ تازو ئي موڪل کان واپس آئي هئي، جڏهن ته هن وائيٽ هائوس ۾ پنهنجي ذميواري کي ’زندگيءَ جو اعزاز ۽ مهم جوئي‘ قرار ڏنو هو.