ڊيموڪريٽڪ سينيٽر جان اوساف آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته هو ڪم ڪرڻ بدران وائيٽ هائوس ۾ بال روم ٺاهڻ ۽ پنهنجي خاص معاون سان گڏ سفر ڪرڻ چاهي ٿو
ڊيموڪريٽڪ سينيٽر جان اوساف صدر ٽرمپ تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته هو پنهنجون ذميواريون ادا ڪرڻ بدران وائيٽ هائوس ۾ بال روم ٺاهڻ ۾ مصروف آهي.
ڊيموڪريٽڪ سينيٽر وڌيڪ چيو ته ٽرمپ پنهنجي معاون نيٽالي هارپ سان گڏ ’اڏامندڙ محل‘ ۾ سفر ڪرڻ چاهي ٿو.
وائيٽ هائوس ڊيموڪريٽڪ سينيٽر جي بيان تي ردعمل ڏيندي ان کي جنسي امتياز ۽ بدگماني پيدا ڪرڻ جي ڪوشش قرار ڏنو.
نيٽالي هارپ ڪير آهي؟
نيٽالي هارپ صدر ٽرمپ جي ايگزيڪيوٽو اسسٽنٽ آهي. سندس ذميوارين ۾ صدر جا روزاني معاملا، رابطي ۽ ڪميونيڪيشن جي انتظامڪاري شامل آهي.
آمريڪي ميڊيا موجب نيٽالي هارپ مبينا طور تي 2023ع ۾ ٽرمپ کي ڪيترائي تعريفي ۽ ذاتي خط لکيا هئا. هڪ خط ۾ هارپ چيو هو ته ٽرمپ ئي سندس لاءِ سڀ ڪجهه آهي.
رپورٽ موجب ٽرمپ سوشل ميڊيا تي پنهنجون ڪيتريون ئي پوسٽون نيٽالي هارپ کي زباني ٻڌائي لکرايو ٿا، جنهن سبب هارپ جو اثر رسوخ وڌيو آهي.
آمريڪي ميڊيا مطابق ٽرمپ جي ترڪي کان ايئر فورس ون بدران هڪ ننڍي جهاز ذريعي روانگي وقت به نيٽالي هارپ ساڻس گڏ هئي.