گڏيل عرب امارات: ٻارن جي رسائي نه روڪڻ تي سوشل ميڊيا پليٽ فارمن تي ڏنڊ لاڳو ڪيا ويندا.
گڏيل عرب امارات ۾ 15 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن لاءِ سوشل ميڊيا اڪائونٽ ٺاهڻ تي پابندي کي هاڻي والدين جي اجازت کانپوءِ به استثنا نه ملندي.
رپورٽ موجب، سڃاڻپ جي تصديق لاءِ ڊيجيٽل آءِ ڊي ۽ مصنوعي ذهانت (AI) تي ٻڌل نظام لازمي قرار ڏنو ويو آهي، جنهن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي پليٽ فارمن کي ڏنڊن ۽ پابندين کي منهن ڏيڻو پوندو.
اماراتي اختيارين موجب، سوشل ميڊيا پليٽ فارمن کي گهٽ عمر وارن ٻارن جا موجوده اڪائونٽ به بند ڪرڻا پوندا ۽ کين انهن ضابطن تي عملدرآمد لاءِ 12 مهينن جي مهلت ڏني وئي آهي.
عرب ميڊيا موجب، گڏيل عرب امارات جي ڪابينا 15 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن لاءِ سڀني سوشل ميڊيا پليٽ فارمن تي ذاتي اڪائونٽ ٺاهڻ، استعمال ڪرڻ يا هلائڻ تي مڪمل پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي.