يوڪرين گذريل 3 ڏينهن دوران روس تي 1000 کان وڌيڪ ڊرون حملا ڪيا آهن. روس جي گادي واري شهر ماسڪو تي يوڪرين جي ڊرون حملن جو سلسلو جاري آهي ۽ گذريل ڏينهن يوڪرين طرفان روسي گادي واري شهر ماسڪو تي 620 ڊرون داغيا ويا، جنهن جي نتيجي ۾ 10 ورهين جي نينگري سميت 3 ڄڻا زخمي ٿيا. رپورٽ موجب يوڪرين جي انهن حملن ۾ روسي اي ڪامرس ڪمپني جي گودامن ۽ ٻين تنصيبات کي نشانو بڻايو ويو. ٻه ڏينهن اڳ به يوڪرين روسي شهرن تي 800 کان وڌيڪ ڊرون فائر ڪيا، جنهن جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿيا هئا. يوڪرين طرفان هڪ ئي ڏينهن ۾ روس تي 800 کان وڌيڪ ڊرون داغڻ کي هن جنگ دوران يوڪرين جو سڀ کان وڏو ڊرون حملو قرار ڏنو پيو وڃي. ٻئي طرف روس برطانيا کي خبردار ڪندي چيو آهي ته هو يوڪرين کي ڊرونز جي فراهمي کان پاسو ڪري، برطانيا يوڪرين جنگ کي وڌيڪ وڌائڻ جو ڄاڻي واڻي رستو اختيار ڪري رهيو آهي. روسي سفارتخاني موجب برطانوي ڊرونز روسي فوجي ۽ صنعتي تنصيبات تي حملن ۾ استعمال ٿيا آهن ۽ جنگ ۾ برطانيا جي وڌندڙ شموليت جا سنگين نتيجا نڪرندا. روسي الزامن جي جواب ۾ برطانوي وزارت دفاع چيو آهي ته يوڪرين کي دفاع لاءِ گهربل هٿيار فراهم ڪرڻ جو سلسلو جاري رهندو ۽ روسي جارحيت خلاف يوڪرين سان گڏ بيٺل آهي.