ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
14 فروری 2026
گڏيل قومن خاص ماهرن جي رپورٽ: پاڪستان جي موقف جي تائيد، ڀارتي حملا غير قانوني

گڏيل قومن خاص ماهرن جي رپورٽ: پاڪستان جي موقف جي تائيد، ڀارتي حملا غير قانوني

نيويارڪ: گڏيل قومن خاص ماهرن جي رپورٽ موجب، مئي 2025 ۾ ٿيل پاڪ-ڀارت جنگ ۾ پاڪستان جي موقف جي تائيد ڪندي ڀارت جي حملي کي غير قانوني قرار ڏنو ويو آهي.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 7 مئي 2025 تي ڀارت “آپريشن سندور” تحت پاڪستان جي حدن ۾ فوجي طاقت استعمال ڪئي، جيڪا گڏيل قومن چارٽر جي خلاف آهي. رپورٽ موجب، ڀارت يو اين سيڪيورٽي ڪائونسل کي اڳواٽ اطلاع نه ڏنو، جنهن سان طريقيڪار جي ڀڃڪڙي ٿي.

شهري علائقا نشانو بڻيا، مسجدون متاثر ٿيون ۽ ڪيترائي ماڻهو زخمي يا مارجي ويا. رپورٽ ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته ڀارت پهلگام حملي ۾ پاڪستان جي رياستي سطح تي ملوث هجڻ جا ڪو به ثبوت پيش نه ڪري سگهيا.

رپورٽ ۾ اهو پڻ چيو ويو آهي ته هڪ طرفي فوجي طاقت استعمال ڪرڻ جو ڪو الڳ حق موجود ناهي، ۽ اهڙا قدم زندگي جي حق جي ڀڃڪڙي جو سبب بڻجي سگهن ٿا. ماهرن موجب، ڀارتي قدم پاڪستان جي خودمختياري جي سنگين ڀڃڪڙي ۽ گڏيل قومن جي اصولن جي به کليل خلاف ورزي آهن.

سنڌ طاس معاهدي تي اثرات:

گڏيل قومن ماهرن رپورٽ ۾ سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي تي به ڌيان ڏنو. رپورٽ موجب، ڀارت جو معاهدو معطل ڪرڻ يا پاڻي جي وهڪري ۾ رنڊڪ پيدا ڪرڻ عام پاڪستانين جي بنيادي حقن تي اثرانداز ٿيندو، ۽ انساني حقن، روزگار، صحت ۽ ماحول لاءِ خطرو آهي. ماهرن چيو آهي ته معاهدي ۾ تبديلي يا معطلي صرف طئي ٿيل قانوني طريقيڪار تحت ٿي سگهي ٿي.

رپورٽ ۾ ڀارت کان وضاحت، تلافي ۽ معافي طلب ڪئي وئي آهي، ۽ چيو ويو آهي ته انساني نقصان کي روڪڻ لاءِ عملي قدم کنيا وڃن. گڏيل قومن خاص ماهرن ڀارت کي سوالنامو پڻ موڪليو، جنهن ۾ شامل هئا:

  • ڇا ڀارت وٽ الزام جا ڪو ثبوت آهن؟
  • ڇا ڀارت انساني نقصان جو ازالو ڪندو؟
  • ڇا ڀارت سنڌ طاس معاهدي جون ذميواريون نڀائيندو؟
  • ڇا ڀارت تڪرار حل واري شقن تي عمل ڪندو؟
  • ڇا ڀارت ڄمون ۽ ڪشمير جي پرامن حل لاءِ قدم کڻندو؟

رپورٽ موجب، ڀارت ڪوبه جواب نه ڏنو، جنهن سبب ماهرن رپورٽ جاري ڪري ڇڏي.


ٽيگس:
شيئر ڪريو: