آمريڪا چين تي آمريڪي ٽيرف کان بچڻ لاءِ واپاري دوکي بازي جو الزام لڳايو آهي. آمريڪي وائيٽ هائوس جي رپورٽ موجب ٽيرف کان بچڻ لاءِ چين ۾ تيار ڪيل شيون ڀارت، اسرائيل، ڪينيڊا، يورپي يونين، ترڪي، جاپان ۽ ملائيشيا سميت 40 کان وڌيڪ ملڪن ذريعي آمريڪا پهچايون وڃن ٿيون. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ان سبب آمريڪا کي هر سال 26 ارب ڊالر تائين نقصان ٿيندو آهي، جڏهن ته رپورٽ ۾ پاڪستان جو نالو شامل ناهي. آمريڪي صدر ٽرمپ وائيٽ هائوس جي اها رپورٽ شيئر ڪري ڇڏي. ٻئي طرف چين الزام رد ڪندي چيو آهي ته ٽيرف ۽ واپاري جنگيون ڪنهن کي به فاتح نٿيون بڻائين، چين پنهنجي مفادن جي تحفظ لاءِ هر ممڪن قدم کڻندو.