ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
03 اکتوبر 2026
آمريڪي جنگ واري وزير جو لاطيني آمريڪي ملڪن کي عالمي فوجداري عدالت ڇڏڻ جو مطالبو

آمريڪي جنگ واري وزير جو لاطيني آمريڪي ملڪن کي عالمي فوجداري عدالت ڇڏڻ جو مطالبو

آمريڪي جنگ واري وزير پيٽ هيگسيٿ لاطيني آمريڪي ملڪن تي ٻڌل ’آمريڪاز ڪائونٽر ڪارٽيل ڪوليشن‘ جي ميمبرن تي زور ڏنو آهي ته اهي عالمي فوجداري عدالت (آءِ سي سي) کان ڌار ٿي وڃن. پاناما ۾ خطاب ڪندي پيٽ هيگسيٿ چيو ته آءِ سي سي قومي خودمختياري کي نقصان پهچائي رهي آهي ۽ حڪومتن ۽ عدالتن جا اختيار کسڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. هن اتحاد جي هر ميمبر کي اپيل ڪئي ته هو آءِ سي سي مان نڪري وڃن ۽ عدالت طرفان قومي خودمختياري ۾ مداخلت جي ڪوششن کي رد ڪن. آمريڪي جنگ واري وزير چيو ته ملڪ پنهنجي خودمختياري ۽ دفاع لاءِ پنهنجي فوج استعمال ڪرڻ جي صلاحيت برقرار رکن ۽ غير چونڊيل عالمي بيوروڪريٽن بدران پنهنجي شهرين ۽ آئين آڏو جوابده هجن. ميڊيا رپورٽن موجب تازو عرصي دوران آمريڪا طرفان آءِ سي سي تي دٻاءُ وڌايو ويو آهي. واضح رهي ته آءِ سي سي نومبر 2024 ۾ اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو ۽ اڳوڻي دفاع واري وزير يوآو گيلنٽ خلاف غزه ۾ مبينا ڏوهن جي الزام ۾ گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪيا هئا.




ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
آمريڪا کي حملن لاءِ پنهنجي سرزمين فراهم ڪندڙ ملڪن کي ڳري قيمت ادا ڪرڻي پوندي: ايراني آرمي چيف
آمريڪا کي حملن لاءِ پنهنجي سرزمين فراهم ڪندڙ ملڪن …
19 Aug 2026
وچ آفريڪي جمهوريه ۾ سون جي کاڻ ڪرڻ سبب 100 کان وڌيڪ ماڻهو فوت
وچ آفريڪي جمهوريه ۾ سون جي کاڻ ڪرڻ سبب 100 کان وڌي…
20 Aug 2026
آمريڪي رياست الاسڪا ۾ چارٽر جهاز ڪري تباهه، 8 ڄڻا فوت
آمريڪي رياست الاسڪا ۾ چارٽر جهاز ڪري تباهه، 8 ڄڻا …
21 Aug 2026
بنگلاديش پاڪستان، ترڪي ۽ سعودي عرب جي دفاعي معاهدي ۾ شامل ٿيڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو
بنگلاديش پاڪستان، ترڪي ۽ سعودي عرب جي دفاعي معاهدي…
22 Aug 2026
آمريڪا ۽ گڏيل عرب امارات ملٽري آرٽيفيشل انٽيليجنس ٽاسڪ فورس جو اعلان ڪري ڇڏيو
آمريڪا ۽ گڏيل عرب امارات ملٽري آرٽيفيشل انٽيليجنس …
22 Aug 2026
مڊ ٽرم چونڊن ۾ ريپبلڪن هاريا ته ڊيموڪريٽس مواخذو ڪندا، صدر ٽرمپ کي خدشو
مڊ ٽرم چونڊن ۾ ريپبلڪن هاريا ته ڊيموڪريٽس مواخذو ڪ…
22 Aug 2026
75 ملڪن جي مهاجر ويزا جي ڪارروائي روڪڻ واري ٽرمپ انتظاميا جي پاليسي رد
75 ملڪن جي مهاجر ويزا جي ڪارروائي روڪڻ واري ٽرمپ ا…
22 Aug 2026
امریکی وزیر خزانہ اسکاٹ بیسنٹ نے کہا ہے کہ ایران کے خلاف آج سے اقتصادی ڈی ڈے کا آغاز ہورہا ہے۔   امریکی وزیر خزانہ نے کہ
امریکی وزیر خزانہ اسکاٹ بیسنٹ نے کہا ہے کہ ایران ک…
24 Aug 2026
ايران وٽ عالمي واپاري رستا مڪمل طور بند ڪرڻ جي صلاحيت ناهي: جي ڊي وينس
ايران وٽ عالمي واپاري رستا مڪمل طور بند ڪرڻ جي صلا…
24 Aug 2026
ايران ۾ قدرتي گئس جا نوان ذخيرا دريافت
ايران ۾ قدرتي گئس جا نوان ذخيرا دريافت
24 Aug 2026