عالمي شهرت يافته پاڪستاني اداڪارا ماهرا خان به ڪراچي جي نوجوان واپاري مير رضا جي قتل ڪيس بابت پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو آهي
گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان جبران ناصر جي ڪجهه بيانن جا ڪلپس سوشل ميڊيا تي گردش ڪري رهيا آهن، جڏهن ته هاڻي ماهرا خان مير رضا جي وڪيل جبران ناصر جي بيان تي تبصرو ڪيو آهي.
اداڪارا پنهنجي تبصري ۾ جبران ناصر کي ساراهيندي لکيو ته، ”جبران ناصر، توهان بهترين ڪم ڪري رهيا آهيو، اسان سڀ هن ناانصافي خلاف روڊن تي نڪرنداسين.“
ماهرا خان پنهنجي ڪمينٽ ۾ وڌيڪ چيو ته، ”هي سڀ بڪواس هاڻي ختم ٿيڻ گهرجي.“
واضح رهي ته ڇنڇر ڏينهن مير رضا جي قبر ڪشائي کانپوءِ سامهون آيل ابتدائي ميڊيڪل رپورٽ موجب مير رضا کي گولي پٺيان کان لڳي هئي، جڏهن ته سندس جسم تي تشدد جا نشان پڻ مليا هئا.
رپورٽ موجب ساڄي ران ۽ ڄاڙي تي فريڪچر جا ثبوت مليا، جڏهن ته جسم جي هيٺئين حصي جي ٽشوز تي رت جا داغ پڻ موجود هئا.
ان کان علاوه، ڪيس جي جاچ دوران اهو انڪشاف پڻ ٿيو آهي ته فارنزڪ ليبارٽري موڪليل شرٽ جي معائني ۾ رضا جي هٿن ۽ چهري تي تيزاب اڇلائڻ جا ثبوت مليا. تيزاب اڇلائڻ جو مقصد سڃاڻپ مٽائڻ هو، ته جيئن کيس ڪو به سڃاڻي نه سگهي.