ٽيوب شارٽس ۾ تصويرن تي ٻڌل مواد شيئر ڪرڻ لاءِ ڪيترائي نوان فيچرز متعارف ڪرايا آهن.
حقيقت ۾ يوٽيوب شارٽس کي هاڻي انسٽاگرام ۽ ٽڪ ٽاڪ جهڙو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
رپورٽن موجب ڪمپني تصويرن تي ٻڌل پوسٽن لاءِ نوان فيچرز تيار ڪيا آهن، جن تحت هاڻي صارف هڪ ئي پوسٽ ۾ 10 تصويرن تي ٻڌل سلائيڊ شو ٺاهي سگهندا.
ان سان گڏ تصويرن تي لکت به شامل ڪري سگهبي ۽ 15 سيڪنڊن جو پسمنظر وارو ميوزڪ پڻ لڳائي سگهجي ٿو.
هاڻي صارفن کي هر ڀيري مڪمل وڊيو ايڊٽ ڪرڻ جي ضرورت نه پوندي، ڇو ته هو صرف تصويرن ذريعي به پنهنجي ناظرين کي آساني سان متوجهه ڪري سگهندا.
ڪمپني موجب انهن نون فيچرز جو مقصد صارفين کي تصويري اسٽوريون سڌو شارٽس فيڊ ۾ شيئر ڪرڻ جي سهولت فراهم ڪرڻ آهي.
جيئن مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي، اهي نيون تصويري پوسٽون انسٽاگرام ۽ ٽڪ ٽاڪ جهڙيون هونديون، جتي اهڙي قسم جو مواد تمام گهڻو پسند ڪيو ويندو آهي.
ان کان اڳ ڪمپني ڪجهه ڏينهن اڳ شارٽس وڊيوز جي انٽرفيس ۾ به تبديليون متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪيو هو.
انهن تبديلين ۾ نئون ڪليئر اسڪرين موڊ شامل آهي، جيڪو آئڪن ۽ لکت کي لڪائي ڇڏيندو، جنهن سان وڊيو ڏسندي ڌيان نه ڀٽڪندو.
ان سان گڏ هاڻي صارف شارٽس وڊيوز جي هلڻ جي رفتار کي به ٻيڻو ڪري سگهندا، جيئن مختصر وڊيو کي وڌيڪ تيزي سان ڏسي سگهن.
ڪمپني ٿمبز اپ جي جاءِ تي هاڻي هارٽ جو نشان متعارف ڪرائي رهي آهي، جيڪو بنيادي طور لائيڪ بٽڻ هوندو.
ان کان علاوه ڊس لائيڪ بٽڻ ختم ڪيو پيو وڃي، جنهن جي جاءِ تي دلچسپي ناهي ۽ هي چينل ٻيهر تجويز نه ڪيو وڃي جهڙا آپشن موجود هوندا.