ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
17 اپریل 2026
عوام کي شام 5 وڳي کان رات هڪ وڳي دوران اڍائي ڪلاڪ بجلي نه ملندي!

عوام کي شام 5 وڳي کان رات هڪ وڳي دوران اڍائي ڪلاڪ بجلي نه ملندي!

اسلام آباد (بيورو) پاور ڊويزن ملڪ ۾ بجلي جي اگهن کي وڌيڪ مهانگو ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ پيڪ آورز ۾ روزانو سوا ٻه ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پاور ڊويزن جي ترجمان پاران جاري ڪيل پيڪ آورز ريليف اسٽريٽجي موجب، هي لوڊشيڊنگ شام 5 وڳي کان رات 1 وڳي جي وچ ۾ ڪئي ويندي. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته حڪومت جو سڀ کان وڏو چيلنج پيڪ آورز ۾ بجلي جي طلب وڌڻ آهي، جنهن کي پورو ڪرڻ لاءِ جيڪڏهن مهانگو ٻارڻ استعمال ڪيو وڃي ها ته بجلي 5 کان 6 رپيا في يونٽ مهانگي ٿي سگهي پئي. هن قدم ذريعي امڪاني طور 3 رپيا في يونٽ تائين جي واڌ کي روڪيو ويو آهي. وزيراعظم شهباز شريف جي خاص هدايتن تي مقامي گئس پاور پلانٽس کي فراهم ڪئي وئي آهي، جنهن سان اگهن ۾ 80 پئسا وڌيڪ واڌ جو رستو پڻ روڪيو ويو آهي. پاور ڊويزن وڌيڪ واضح ڪيو ته فرنس آئل جو استعمال محدود ڪرڻ باوجود عالمي حالتن سبب واهپيدارن کي تقريبن ڏيڍ رپيو في يونٽ واڌ لاءِ تيار رهڻو پوندو. ترجمان جو چوڻ هو ته جيڪڏهن وفاقي ۽ صوبائي سطح تي واپاري مرڪز ۽ مارڪيٽون وقت تي بند ڪيون وڃن ته بجلي جي طلب گهٽائي اگهن ۾ وڌيڪ ريليف ڏئي سگهجي ٿو. سمورين بجلي فراهم ڪندڙ ڪمپنين ڊيسڪوز کي لوڊشيڊنگ جو شيڊيول واهپيدارن سان شيئر ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. پاور ڊويزن جي ترجمان موجب، حيسڪو ۽ ڪي اليڪٽرڪ جي واهپيدارن کي شام 5 وڳي کان رات 1 وڳي تائين سوا ٻه ڪلاڪ واڌو لوڊشيڊنگ کان ڇوٽ ڏني وئي آهي. پاور ڊويزن واضح ڪيو آهي ته جتي سستي بجلي پهريان ئي موجود آهي، اتي واهپيدارن کي تڪليف نه ڏني ويندي.



ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
سنڌ جي عوام لاءِ خوشخبري، سکر کان شڪارپور تائين پيپلز بس سروس شروع ڪرڻ جو اعلان
سنڌ جي عوام لاءِ خوشخبري، سکر کان شڪارپور تائين پي…
15 Apr 2026
ڪراچي ۾ رهڻ ائين آهي جيئن پيرس ۾ رهڻ: شرميلا فاروقي
ڪراچي ۾ رهڻ ائين آهي جيئن پيرس ۾ رهڻ: شرميلا فاروق…
15 Apr 2026
ڪراچي ۾ گرمي جي شدت گهٽجڻ، لاڙڪاڻي ۾ آنڌاري ۽ برسات جو امڪان
ڪراچي ۾ گرمي جي شدت گهٽجڻ، لاڙڪاڻي ۾ آنڌاري ۽ برسا…
15 Apr 2026
خواهشون ته وڏيون آهن پر جيڪو نصيب ۾ هوندو ملندو: بابر اعظم
خواهشون ته وڏيون آهن پر جيڪو نصيب ۾ هوندو ملندو: ب…
15 Apr 2026
پاڪستان جون امن لاءِ ڪوششون جاري، وزيراعظم سعودي عرب ۽ فيلڊ مارشل ايران پهچي ويو
پاڪستان جون امن لاءِ ڪوششون جاري، وزيراعظم سعودي ع…
16 Apr 2026
ٽن سالن ۾ 100 ارب ڊالر ٻاهر منتقل، حڪومت واپارين خلاف ڏنڊو کڻي ورتو
ٽن سالن ۾ 100 ارب ڊالر ٻاهر منتقل، حڪومت واپارين خ…
16 Apr 2026
ڪراچي کي پيرس سان ڀيٽڻ تي شرميلا فاروقي سوشل ميڊيا تي مذاق بڻجي وئي
ڪراچي کي پيرس سان ڀيٽڻ تي شرميلا فاروقي سوشل ميڊيا…
16 Apr 2026
سون جي اگهه ۾ وڏي واڌ، تولو هڪ ڀيرو ٻيهر 5 لکن کان ٽپي ويو
سون جي اگهه ۾ وڏي واڌ، تولو هڪ ڀيرو ٻيهر 5 لکن کان…
16 Apr 2026
ٽنڊو مستي ۾ هجوم آڏو ناري بيدريءَ سان قتل، وڊيو وائرل ٿيڻ تي پوليس حرڪت ۾ اچي وئي
ٽنڊو مستي ۾ هجوم آڏو ناري بيدريءَ سان قتل، وڊيو وا…
16 Apr 2026
عليزي شاهه پيسن عيوض نامناسب آڇ ڪندڙ شخص جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا
عليزي شاهه پيسن عيوض نامناسب آڇ ڪندڙ شخص جا پول پڌ…
16 Apr 2026