ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
17 اپریل 2026
اسرائيل ڳالهين کي نقصان پهچائڻ لاءِ دوحا جهڙي ڪارروائي ڪري سگهي ٿو؟

اسرائيل ڳالهين کي نقصان پهچائڻ لاءِ دوحا جهڙي ڪارروائي ڪري سگهي ٿو؟

اسلام آباد (عوامي آواز رپورٽ) وفاقي گاديءَ واري شهر ۾ آمريڪا ۽ ايران جي وفدن وچ ۾ ٿيندڙ امن ڳالهين لاءِ تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. رپورٽن موجب اڄ باضابطا ڳالهيون شروع ٿينديون. سفارتي حلقن ۾ هن وقت انتهائي محتاط انداز اختيار ڪيو پيو وڃي، خاص ڪري ايراني سفير پاران ڳالهين بابت پنهنجو ٽوئيٽ ڊليٽ ڪرڻ بعد اهي افواهه آهن ته ٻئي ڌريون ان عمل کي انتهائي ڳجهو رکڻ چاهين ٿيون. تجزئي نگار ۽ عالمي معاملن جي ماهر ڊاڪٽر عائشا صديقا هڪ ڊجيٽل پليٽ فارم تي تبصرو ڪيو ته انهن ڳالهين ۾ سڀ کان وڏو ”وائلڊ ڪارڊ“ اسرائيل آهي. خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي ته اسرائيلي وزيراعظم بن يامين نيتن ياهو هن عمل کي نقصان پهچائڻ لاءِ ڪا به ڪارروائي ڪري سگهي ٿو، جيئن ماضيءَ ۾ دوحا ۾ ڪيو ويو هو. ياد رهي ته قطر جي گاديءَ واري شهر دوحا ۾ غزا ۾ جنگ بندي ۽ قيدين جي مٽاسٽا بابت اهم ڳالهيون هلي رهيون هيون. اسماعيل هنيا ان سڄي ڳالهين واري عمل ۾ هڪ اهم ۽ مرڪزي ڪردار هو. دوحا واقعي کانپوءِ ايران ۽ اسرائيل وچ ۾ سڌي سنئين جنگ جا خطرا وڌي ويا هئا ۽ سفارتڪاريءَ کي وڏو نقصان پهتو هو. لبنان تي تازي اسرائيلي بمباري، جنهن ۾ هڪ ئي ڏينهن اندر سوين ماڻهو مارجي ويا آهن، تنهن پڻ امن جي ڪوششن کي سخت نقصان پهچايو آهي. تجزئي نگار اها ڳالهه ڪن ٿا ته جڏهن به امن جو ڪو رستو نڪرندو نظر ايندو آهي، تڏهن اسرائيلي وزيراعظم بن يامين نيتن ياهو ڪنهن نه ڪنهن ٽارگيٽيڊ ڪارروائي ذريعي ان ماحول کي خراب ڪري ڇڏيندو آهي. ٻئي طرف، ڊونلڊ ٽرمپ هن معاهدي کي پنهنجي وڏي سياسي فتح طور دنيا آڏو پيش ڪرڻ چاهي ٿو، جڏهن ته ايران اهڙي ڪنهن به ”نفسياتي شڪست“ کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. ايراني اختيارين جو موقف آهي ته اهي برابريءَ جي بنياد تي ميز تي ويهندا. پاڪستان جيتوڻيڪ ميزباني ڪري رهيو آهي، پر ماهرن جو خيال آهي ته معاهدي جي پائيداريءَ لاءِ چين جهڙي وڏي طاقت کي ضمانتي طور شامل ڪرڻ ضروري هوندو، ڇاڪاڻ ته آبنائي هرمز، ميزائلن جي حد ۽ غزا جهڙا پيچيدا مسئلا حل ٿيڻ ۾ سال وٺي سگهن ٿا.




ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
ڪراچي ۾ رهڻ ائين آهي جيئن پيرس ۾ رهڻ: شرميلا فاروقي
ڪراچي ۾ رهڻ ائين آهي جيئن پيرس ۾ رهڻ: شرميلا فاروق…
15 Apr 2026
ڪراچي ۾ گرمي جي شدت گهٽجڻ، لاڙڪاڻي ۾ آنڌاري ۽ برسات جو امڪان
ڪراچي ۾ گرمي جي شدت گهٽجڻ، لاڙڪاڻي ۾ آنڌاري ۽ برسا…
15 Apr 2026
خواهشون ته وڏيون آهن پر جيڪو نصيب ۾ هوندو ملندو: بابر اعظم
خواهشون ته وڏيون آهن پر جيڪو نصيب ۾ هوندو ملندو: ب…
15 Apr 2026
عوام کي شام 5 وڳي کان رات هڪ وڳي دوران اڍائي ڪلاڪ بجلي نه ملندي!
عوام کي شام 5 وڳي کان رات هڪ وڳي دوران اڍائي ڪلاڪ …
16 Apr 2026
پاڪستان جون امن لاءِ ڪوششون جاري، وزيراعظم سعودي عرب ۽ فيلڊ مارشل ايران پهچي ويو
پاڪستان جون امن لاءِ ڪوششون جاري، وزيراعظم سعودي ع…
16 Apr 2026
ٽن سالن ۾ 100 ارب ڊالر ٻاهر منتقل، حڪومت واپارين خلاف ڏنڊو کڻي ورتو
ٽن سالن ۾ 100 ارب ڊالر ٻاهر منتقل، حڪومت واپارين خ…
16 Apr 2026
ڪراچي کي پيرس سان ڀيٽڻ تي شرميلا فاروقي سوشل ميڊيا تي مذاق بڻجي وئي
ڪراچي کي پيرس سان ڀيٽڻ تي شرميلا فاروقي سوشل ميڊيا…
16 Apr 2026
سون جي اگهه ۾ وڏي واڌ، تولو هڪ ڀيرو ٻيهر 5 لکن کان ٽپي ويو
سون جي اگهه ۾ وڏي واڌ، تولو هڪ ڀيرو ٻيهر 5 لکن کان…
16 Apr 2026
ٽنڊو مستي ۾ هجوم آڏو ناري بيدريءَ سان قتل، وڊيو وائرل ٿيڻ تي پوليس حرڪت ۾ اچي وئي
ٽنڊو مستي ۾ هجوم آڏو ناري بيدريءَ سان قتل، وڊيو وا…
16 Apr 2026
عليزي شاهه پيسن عيوض نامناسب آڇ ڪندڙ شخص جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا
عليزي شاهه پيسن عيوض نامناسب آڇ ڪندڙ شخص جا پول پڌ…
16 Apr 2026