ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
17 اپریل 2026
داراز شريف واقعو، وڌيڪ هڪ زخمي فوت، آپريشن، ڪيترائي گهر ڊاهي پٽ، گرفتاريون

داراز شريف واقعو، وڌيڪ هڪ زخمي فوت، آپريشن، ڪيترائي گهر ڊاهي پٽ، گرفتاريون

راڻي پور (رپورٽ: فياض حسين راڄپر) درازا شريف ۾ گذريل ڏھاڙي ٿيل جوڻيجا برادري جي ٻن ڌرين جي تڪرار ۾ زخمي نوجوان سھيل شاھاڻي زخمن جا سور نه سھندي گمبٽ جي گمس اسپتال ۾ فوت ٿي ويو، جنھن بعد مارجي ويلن جو انگ وڌي پنج ٿي ويو، پوليس جو جھِيڙيندڙ ڌرين جي ڳوٺن تي چڙھائي جاري، ڪيترائي گھر ڊاھي پَٽُ ڪري ڇڏيا، لکين رپين جو مال، زيور، ڪپڙا، کٽون، موٽرسائيڪلون پاڻ گڏ کڻي وئي، 20 جي لڳ ڀڳ شڪي ماڻھن کي گرفتار ڪري کڻي وئي، جهيڙي ۾ قتل ٿيل سائينداد جوڻيجو ۽ لال جوڻيجو جي جنازي نماز سندس آبائي ڳوٺ وريو واھڻ ۾ سخت حفاظتي پھري ھيٺ جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد آخري رسمون اتي ئي ادا ڪيون ويون، جڏھن ته سرڪي برادريءَ جا قتل ٿيل ٻنھي ڀائرين نعمان سرڪي ۽ پيارو سرڪي جي جنازه نماز سندن آبائي ڳوٺ واطڻي وڏا ۾ ادا ڪئي وئي، جنھن بعد آبائي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، جھيڙي جو ھڪ زخمي سھيل شاھاڻي زخمن جا سور نه سھندي گمبٽ جي گمس اسپتال ۾ فوت ٿي ويو، فوتي جون اسپتال مان ضروري ڪاروائي بعد مڙھ وارثن حوالي ڪيو ويو، جيڪي سندس جو آخري رسمون ادا ڪرڻ لاءِ آبائي ڳوٺ قيصر خان شاھاڻي کڻائي ويا. جنھن بعد ھاڻي قتلن ٿيلن جو انگ وڌي پنج ٿي ويو، 5 زخمي اسپتال ۾ داخل آهن، مختلف ٿاڻن جي پوليس اي ايس پي جي اڳواڻيءَ ۾ وڏي نفري، اي پي سي، ڪرين مشين، پوليس موبائيلين سان ڳوٺ وريو واھڻ سميت مختلف ڳوٺن تي چڙھائي ڪري جھيڙيندڙ ڌرين جا ڪيترائي گھر ڊاھي پٽ ڪري ڇڏيا. جڏھن تي سندس گھر اندر پيل لکين رپصن جو سامان، مال، موٽرسائيڪليون پاڻ سان گڏ کڻي ويا. جڏھن ته 20 جي لڳ ڀڳ شڪي ماڻھن کي پڻ گرفتار ڪري نامعلوم ھٿ منتقل ڪيو ويو.



ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
ڪراچي ۾ رهڻ ائين آهي جيئن پيرس ۾ رهڻ: شرميلا فاروقي
ڪراچي ۾ رهڻ ائين آهي جيئن پيرس ۾ رهڻ: شرميلا فاروق…
15 Apr 2026
ڪراچي ۾ گرمي جي شدت گهٽجڻ، لاڙڪاڻي ۾ آنڌاري ۽ برسات جو امڪان
ڪراچي ۾ گرمي جي شدت گهٽجڻ، لاڙڪاڻي ۾ آنڌاري ۽ برسا…
15 Apr 2026
خواهشون ته وڏيون آهن پر جيڪو نصيب ۾ هوندو ملندو: بابر اعظم
خواهشون ته وڏيون آهن پر جيڪو نصيب ۾ هوندو ملندو: ب…
15 Apr 2026
عوام کي شام 5 وڳي کان رات هڪ وڳي دوران اڍائي ڪلاڪ بجلي نه ملندي!
عوام کي شام 5 وڳي کان رات هڪ وڳي دوران اڍائي ڪلاڪ …
16 Apr 2026
پاڪستان جون امن لاءِ ڪوششون جاري، وزيراعظم سعودي عرب ۽ فيلڊ مارشل ايران پهچي ويو
پاڪستان جون امن لاءِ ڪوششون جاري، وزيراعظم سعودي ع…
16 Apr 2026
ٽن سالن ۾ 100 ارب ڊالر ٻاهر منتقل، حڪومت واپارين خلاف ڏنڊو کڻي ورتو
ٽن سالن ۾ 100 ارب ڊالر ٻاهر منتقل، حڪومت واپارين خ…
16 Apr 2026
ڪراچي کي پيرس سان ڀيٽڻ تي شرميلا فاروقي سوشل ميڊيا تي مذاق بڻجي وئي
ڪراچي کي پيرس سان ڀيٽڻ تي شرميلا فاروقي سوشل ميڊيا…
16 Apr 2026
سون جي اگهه ۾ وڏي واڌ، تولو هڪ ڀيرو ٻيهر 5 لکن کان ٽپي ويو
سون جي اگهه ۾ وڏي واڌ، تولو هڪ ڀيرو ٻيهر 5 لکن کان…
16 Apr 2026
ٽنڊو مستي ۾ هجوم آڏو ناري بيدريءَ سان قتل، وڊيو وائرل ٿيڻ تي پوليس حرڪت ۾ اچي وئي
ٽنڊو مستي ۾ هجوم آڏو ناري بيدريءَ سان قتل، وڊيو وا…
16 Apr 2026
عليزي شاهه پيسن عيوض نامناسب آڇ ڪندڙ شخص جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا
عليزي شاهه پيسن عيوض نامناسب آڇ ڪندڙ شخص جا پول پڌ…
16 Apr 2026