ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
17 اپریل 2026
ڌريون جنگبندي برقرار رکن، پاڪستان سفارتي ڪوششون جاري رکندو: اسحاق ڊار

ڌريون جنگبندي برقرار رکن، پاڪستان سفارتي ڪوششون جاري رکندو: اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته ڌريون جنگبندي کي برقرار رکن، پاڪستان ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڳالهين ۽ رابطن کي هٿي ڏيڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو.

پرڏيهي آفيس موجب اسلام آباد ۾ ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڳالهين بابت ميڊيا بريفنگ دوران اسحاق ڊار چيو ته مان ۽ سيد عاصم منير ٻنهي ڌرين وچ ۾ ڪيترن ئي مرحلن تي ٻڌل سخت پر تعميري ڳالهين ۾ ٽياڪڙ جو ڪردار ادا ڪيو، اهي ڳالهيون گذريل 24 ڪلاڪن تائين جاري رهيون ۽ اڄ صبح پڄاڻي تي پهتيون. هن چيو ته پاڪستان ٻنهي ڌرين جو ٿورائتو آهي، جن جنگبندي لاءِ پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيو، اميد آهي ته ٻنهي پاسن کان ساڳي هاڪاري جذبي سان اڳڀرائي جاري رهندي، جيئن سڄي خطي ۽ ان کان ٻاهر به پائيدار امن ۽ خوشحالي کي يقيني بڻائي سگهجي.

سندس چوڻ هو اهو انتهائي ضروري آهي ته ڌريون جنگبندي بابت پنهنجي عزم تي قائم رهن، پاڪستان ايندڙ ڏينهن ۾ به ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڳالهين ۽ رابطن کي هٿي ڏيڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو.

اسحاق ڊار چيو ته مان ايران ۽ آمريڪا جو دل جي گهرائين سان ٿورائتو آهيان، جن شهباز شريف جي فوري طور جنگبندي جي اپيل تي هاڪاري موٽ ڏني ۽ اسلام آباد ۾ امن ڳالهين لاءِ وزيراعظم جي دعوت قبول ڪئي.



ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
ڪراچي ۾ رهڻ ائين آهي جيئن پيرس ۾ رهڻ: شرميلا فاروقي
ڪراچي ۾ رهڻ ائين آهي جيئن پيرس ۾ رهڻ: شرميلا فاروق…
15 Apr 2026
ڪراچي ۾ گرمي جي شدت گهٽجڻ، لاڙڪاڻي ۾ آنڌاري ۽ برسات جو امڪان
ڪراچي ۾ گرمي جي شدت گهٽجڻ، لاڙڪاڻي ۾ آنڌاري ۽ برسا…
15 Apr 2026
خواهشون ته وڏيون آهن پر جيڪو نصيب ۾ هوندو ملندو: بابر اعظم
خواهشون ته وڏيون آهن پر جيڪو نصيب ۾ هوندو ملندو: ب…
15 Apr 2026
عوام کي شام 5 وڳي کان رات هڪ وڳي دوران اڍائي ڪلاڪ بجلي نه ملندي!
عوام کي شام 5 وڳي کان رات هڪ وڳي دوران اڍائي ڪلاڪ …
16 Apr 2026
پاڪستان جون امن لاءِ ڪوششون جاري، وزيراعظم سعودي عرب ۽ فيلڊ مارشل ايران پهچي ويو
پاڪستان جون امن لاءِ ڪوششون جاري، وزيراعظم سعودي ع…
16 Apr 2026
ٽن سالن ۾ 100 ارب ڊالر ٻاهر منتقل، حڪومت واپارين خلاف ڏنڊو کڻي ورتو
ٽن سالن ۾ 100 ارب ڊالر ٻاهر منتقل، حڪومت واپارين خ…
16 Apr 2026
ڪراچي کي پيرس سان ڀيٽڻ تي شرميلا فاروقي سوشل ميڊيا تي مذاق بڻجي وئي
ڪراچي کي پيرس سان ڀيٽڻ تي شرميلا فاروقي سوشل ميڊيا…
16 Apr 2026
سون جي اگهه ۾ وڏي واڌ، تولو هڪ ڀيرو ٻيهر 5 لکن کان ٽپي ويو
سون جي اگهه ۾ وڏي واڌ، تولو هڪ ڀيرو ٻيهر 5 لکن کان…
16 Apr 2026
ٽنڊو مستي ۾ هجوم آڏو ناري بيدريءَ سان قتل، وڊيو وائرل ٿيڻ تي پوليس حرڪت ۾ اچي وئي
ٽنڊو مستي ۾ هجوم آڏو ناري بيدريءَ سان قتل، وڊيو وا…
16 Apr 2026
عليزي شاهه پيسن عيوض نامناسب آڇ ڪندڙ شخص جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا
عليزي شاهه پيسن عيوض نامناسب آڇ ڪندڙ شخص جا پول پڌ…
16 Apr 2026