ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
17 اپریل 2026
سنڌ حڪومت جو مارڪيٽون، شاپنگ مال ۽ شادي هال جلد بند ڪرڻ جو اعلان، نوٽيفڪيشن جاري

سنڌ حڪومت جو مارڪيٽون، شاپنگ مال ۽ شادي هال جلد بند ڪرڻ جو اعلان، نوٽيفڪيشن جاري

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت بچت پاليسي لاڳو ڪندي دڪانن ۽ شاپنگ مالز رات جلد بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

سنڌ حڪومت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب مارڪيٽن، هوٽلن ۽ شادي هالن لاءِ نئون شيڊيول لاڳو ڪيو ويو آهي.

نوٽيفڪيشن موجب، ڪراچي سميت ٻين ڊويزنل هيڊڪوارٽرز کانسواءِ سمورين ضلعن ۾ دڪان، مارڪيٽون ۽ شاپنگ مالز رات 8هين وڳي بند ڪيا ويندا جڏهن ته ڊويزنل هيڊڪوارٽرز ۾ دڪان، مارڪيٽون ۽ شاپنگ مالز رات 9 وڳي بند ٿيندا.

ان کانسواءِ هوٽلن ۽ فوڊ آئوٽ ليٽس کي شام 7 کان رات ساڍي يارهين وڳي تائين کولڻ جي اجازت هوندي جڏهن ته هوم ڊليوري ۽ ٽيڪ اوي سروس تي ڪا پابندي لاڳو نه هوندي.

نوٽيفڪيشن موجب، شادي هالن ۽ بينڪوئٽس کي رات 8هين کان 12هين وڳي تائين تقريبن جي اجازت هوندي.

نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته تندور، ملڪ شاپس، بيڪريون، ميڊيڪل اسٽورز، ليبارٽريون، ڪلينڪس، اسپتالون ۽ پيٽرول پمپس پابندين کان آجا هوندا.

نوٽيفڪيشن موجب، بچت پاليسي بابت هدايتون فوري طور لاڳو هونديون.

سنڌ حڪومت ڪمشنرز ۽ ڊپٽي ڪمشنرز کي هدايت ڪئي آهي ته اهي سنڌ پوليس جي سهڪار سان انهن حڪمن تي سختي سان عملدرآمد کي يقيني بڻائين.

ياد رهي ته وفاقي حڪومت جي بچت پاليسي موجب، پنجاب ۽ بلوچستان جون حڪومتون اڳ ئي مارڪيٽون رات 8 وڳي بند ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري چڪيون آهن.



ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
ڪراچي ۾ رهڻ ائين آهي جيئن پيرس ۾ رهڻ: شرميلا فاروقي
ڪراچي ۾ رهڻ ائين آهي جيئن پيرس ۾ رهڻ: شرميلا فاروق…
15 Apr 2026
ڪراچي ۾ گرمي جي شدت گهٽجڻ، لاڙڪاڻي ۾ آنڌاري ۽ برسات جو امڪان
ڪراچي ۾ گرمي جي شدت گهٽجڻ، لاڙڪاڻي ۾ آنڌاري ۽ برسا…
15 Apr 2026
خواهشون ته وڏيون آهن پر جيڪو نصيب ۾ هوندو ملندو: بابر اعظم
خواهشون ته وڏيون آهن پر جيڪو نصيب ۾ هوندو ملندو: ب…
15 Apr 2026
عوام کي شام 5 وڳي کان رات هڪ وڳي دوران اڍائي ڪلاڪ بجلي نه ملندي!
عوام کي شام 5 وڳي کان رات هڪ وڳي دوران اڍائي ڪلاڪ …
16 Apr 2026
پاڪستان جون امن لاءِ ڪوششون جاري، وزيراعظم سعودي عرب ۽ فيلڊ مارشل ايران پهچي ويو
پاڪستان جون امن لاءِ ڪوششون جاري، وزيراعظم سعودي ع…
16 Apr 2026
ٽن سالن ۾ 100 ارب ڊالر ٻاهر منتقل، حڪومت واپارين خلاف ڏنڊو کڻي ورتو
ٽن سالن ۾ 100 ارب ڊالر ٻاهر منتقل، حڪومت واپارين خ…
16 Apr 2026
ڪراچي کي پيرس سان ڀيٽڻ تي شرميلا فاروقي سوشل ميڊيا تي مذاق بڻجي وئي
ڪراچي کي پيرس سان ڀيٽڻ تي شرميلا فاروقي سوشل ميڊيا…
16 Apr 2026
سون جي اگهه ۾ وڏي واڌ، تولو هڪ ڀيرو ٻيهر 5 لکن کان ٽپي ويو
سون جي اگهه ۾ وڏي واڌ، تولو هڪ ڀيرو ٻيهر 5 لکن کان…
16 Apr 2026
ٽنڊو مستي ۾ هجوم آڏو ناري بيدريءَ سان قتل، وڊيو وائرل ٿيڻ تي پوليس حرڪت ۾ اچي وئي
ٽنڊو مستي ۾ هجوم آڏو ناري بيدريءَ سان قتل، وڊيو وا…
16 Apr 2026
عليزي شاهه پيسن عيوض نامناسب آڇ ڪندڙ شخص جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا
عليزي شاهه پيسن عيوض نامناسب آڇ ڪندڙ شخص جا پول پڌ…
16 Apr 2026