ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ لياقت آباد فلاءِ اوور تي نشي جو عادي شخص پل جي حفاظتي ڀت ٽپي تار ۾ لڙڪي پيو.
لياقت آباد ڊاڪ خانه فلاءِ اوور تي ٽريفڪ پوليس اهلڪار جي حاضر دماغي ۽ بهادري هڪ انساني جان بچائي ورتي.
هڪ نشي جو عادي شخص فلاءِ اوور جي حفاظتي ڀت ٽپي تار ۾ لڙڪي پيو، ان دوران هيٺان گذرندڙ هڪ مسافر بس کي ٽريفڪ پوليس اهلڪار فوري طور بيهڻ جو اشارو ڪيو.
اهلڪار بس جي ڇت تي چڙهي لڙڪيل شخص کي قابو ڪيو ۽ کيس حفاظت سان هيٺ لاٿو.
واقعي جي وڊيو پڻ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، جنهن کي ڏسي واهپيدار پوليس اهلڪار جي بهادري جي واکاڻ ڪري رهيا آهن.