ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
17 اپریل 2026
آمريڪي نائب صدر جَي ڊي وينس اسلام آباد پهچي ويو، نائب وزيرِ اعظم ۽ آرمي چيف پاران وفد جي آجيان

آمريڪي نائب صدر جَي ڊي وينس اسلام آباد پهچي ويو، نائب وزيرِ اعظم ۽ آرمي چيف پاران وفد جي آجيان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايران سان امن ڳالهين لاءِ نائب صدر جي ڊي وينس جي قيادت ۾ آمريڪي اسلام آباد پهچي ويو آهي.

جمعي جي رات ايراني وفد جي آمد کانپوءِ نائب صدر جي ڊي وينس جي قيادت ۾ آمريڪي وفد به ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڳالهين لاءِ اسلام آباد پهچي ويو آهي.

ايئرپورٽ تي پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ گهرو وزير محسن نقوي، آرمي چيف عاصم منير ۽ آءِ ايس آءِ جي سربراهه ليفٽيننٽ جنرل عاصم ملڪ وفد جي آجيان ڪئي.

پرڏيهي کاتي طرفان جاري ڪيل بيان موجب، آمريڪي نائب صدر جي آجيان ڪندي نائب وزيراعظم اسحاق ڊار علائقائي ۽ عالمي سطح تي جٽادار امن ۽ استحڪام جي حاصلات لاءِ آمريڪا جي عزم کي ساراهيو.

پرڏيهي کاتي موجب، آمريڪي وفد ۾ وچ اوڀر لاءِ خاص نمائندو اسٽيو وٽڪوف ۽ صدر ٽرمپ جو ناٺي جيرڊ ڪشنر شامل آهن.

پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته اسحاق ڊار ان اميد جو اظهار ڪيو ته ڌريون هاڪاري انداز ۾ ڳالهه ٻولهه ڪنديون.

ان موقعي تي هن تڪرار جي پائيدار ۽ دائمي حل لاءِ ڌرين کي سهولت فراهم ڪرڻ جي پاڪستان جو عزم ورجايو.



ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
ڪراچي ۾ رهڻ ائين آهي جيئن پيرس ۾ رهڻ: شرميلا فاروقي
ڪراچي ۾ رهڻ ائين آهي جيئن پيرس ۾ رهڻ: شرميلا فاروق…
15 Apr 2026
ڪراچي ۾ گرمي جي شدت گهٽجڻ، لاڙڪاڻي ۾ آنڌاري ۽ برسات جو امڪان
ڪراچي ۾ گرمي جي شدت گهٽجڻ، لاڙڪاڻي ۾ آنڌاري ۽ برسا…
15 Apr 2026
خواهشون ته وڏيون آهن پر جيڪو نصيب ۾ هوندو ملندو: بابر اعظم
خواهشون ته وڏيون آهن پر جيڪو نصيب ۾ هوندو ملندو: ب…
15 Apr 2026
عوام کي شام 5 وڳي کان رات هڪ وڳي دوران اڍائي ڪلاڪ بجلي نه ملندي!
عوام کي شام 5 وڳي کان رات هڪ وڳي دوران اڍائي ڪلاڪ …
16 Apr 2026
پاڪستان جون امن لاءِ ڪوششون جاري، وزيراعظم سعودي عرب ۽ فيلڊ مارشل ايران پهچي ويو
پاڪستان جون امن لاءِ ڪوششون جاري، وزيراعظم سعودي ع…
16 Apr 2026
ٽن سالن ۾ 100 ارب ڊالر ٻاهر منتقل، حڪومت واپارين خلاف ڏنڊو کڻي ورتو
ٽن سالن ۾ 100 ارب ڊالر ٻاهر منتقل، حڪومت واپارين خ…
16 Apr 2026
ڪراچي کي پيرس سان ڀيٽڻ تي شرميلا فاروقي سوشل ميڊيا تي مذاق بڻجي وئي
ڪراچي کي پيرس سان ڀيٽڻ تي شرميلا فاروقي سوشل ميڊيا…
16 Apr 2026
سون جي اگهه ۾ وڏي واڌ، تولو هڪ ڀيرو ٻيهر 5 لکن کان ٽپي ويو
سون جي اگهه ۾ وڏي واڌ، تولو هڪ ڀيرو ٻيهر 5 لکن کان…
16 Apr 2026
ٽنڊو مستي ۾ هجوم آڏو ناري بيدريءَ سان قتل، وڊيو وائرل ٿيڻ تي پوليس حرڪت ۾ اچي وئي
ٽنڊو مستي ۾ هجوم آڏو ناري بيدريءَ سان قتل، وڊيو وا…
16 Apr 2026
عليزي شاهه پيسن عيوض نامناسب آڇ ڪندڙ شخص جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا
عليزي شاهه پيسن عيوض نامناسب آڇ ڪندڙ شخص جا پول پڌ…
16 Apr 2026