ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
17 اپریل 2026
”توهان جا پئسا آيا آهن“ جَي ڊي وينس جو نمبر بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ رجسٽرڊ هو؟ سوشل ميڊيا تي ميمز جي ڀرمار

”توهان جا پئسا آيا آهن“ جَي ڊي وينس جو نمبر بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ رجسٽرڊ هو؟ سوشل ميڊيا تي ميمز جي ڀرمار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ڳالهيون ڇنڇر تي وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ شروع ٿي رهيون آهن.

مذاڪراتي عمل ۾ آمريڪا جي نمائندگي نائب صدر جَي ڊي وينس جي قيادت ۾ وفد ڪندو، جڏهن ته ايراني وفد جي سربراهي پارليامينٽ جو اسپيڪر محمد باقر قاليباف ڪندو.

سوشل ميڊيا تي آمريڪا-ايران ڳالهين بابت مختلف قسم جا ٽرينڊز هلي رهيا آهن، جڏهن ته واهپيدار جَي ڊي وينس جي دوري کي خاص اهميت ڏئي رهيا آهن.

سوشل ميڊيا واهپيدارن طرفان جي ڊي وينس جي دوري تي مختلف قسم جون ميمز شيئر ڪيون پيون وڃن.

ايڪس واهپيدار حمزه فاروق لکيو ته ”سنيل منج ۽ جي ڊي وينس، ايئر فورس ون جي مالڪ جو جائزو.“

سيد زين رضا لکيو ته ”وينس کي سيز فائر سان گڏ جيتو پاڪستان ٽريزري باڪس مان جامِ شيرين طرفان موٽر سائيڪل ملندي.“

هڪ واهپيدار اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي تقرير جو ڪلپ شيئر ڪندي لکيو ته ”جي ڊي وينس نيرن ۾ نهاري کائڻ کانپوءِ.“

سعديه احمد هڪ فوٽو شيئر ڪيو جنهن تي لکيل هو ”جي ڊي وينس چِپس موجود آهن.“

افي لکيو ته ”بينظير انڪم سپورٽ پروگرام طرفان توهان لاءِ 75 هزار 600 رپيا آيا آهن، توهان جو هي نمبر بي آءِ ايس پي ۾ رجسٽرڊ هو. مهرباني ڪري هن واٽس اپ نمبر تي رابطو ڪريو.“

علي هٿرادو ڏاهپ واري ٽيڪنالوجي( اَي آءِ ) ذريعي تيار ڪيل فوٽو شيئر ڪندي لکيو ته ”جي ڊي وينس اسلام آباد جي آچر بازار ۾ وڪري لاءِ رکيل پنهنجي استعمال ٿيل شرٽ سڃاڻي ورتي.“

عبدالله لکيو ته ”جي ڊي وينس جي پاڪستان ۾ پهرين صبح“



ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
ڪراچي ۾ رهڻ ائين آهي جيئن پيرس ۾ رهڻ: شرميلا فاروقي
ڪراچي ۾ رهڻ ائين آهي جيئن پيرس ۾ رهڻ: شرميلا فاروق…
15 Apr 2026
ڪراچي ۾ گرمي جي شدت گهٽجڻ، لاڙڪاڻي ۾ آنڌاري ۽ برسات جو امڪان
ڪراچي ۾ گرمي جي شدت گهٽجڻ، لاڙڪاڻي ۾ آنڌاري ۽ برسا…
15 Apr 2026
خواهشون ته وڏيون آهن پر جيڪو نصيب ۾ هوندو ملندو: بابر اعظم
خواهشون ته وڏيون آهن پر جيڪو نصيب ۾ هوندو ملندو: ب…
15 Apr 2026
عوام کي شام 5 وڳي کان رات هڪ وڳي دوران اڍائي ڪلاڪ بجلي نه ملندي!
عوام کي شام 5 وڳي کان رات هڪ وڳي دوران اڍائي ڪلاڪ …
16 Apr 2026
پاڪستان جون امن لاءِ ڪوششون جاري، وزيراعظم سعودي عرب ۽ فيلڊ مارشل ايران پهچي ويو
پاڪستان جون امن لاءِ ڪوششون جاري، وزيراعظم سعودي ع…
16 Apr 2026
ٽن سالن ۾ 100 ارب ڊالر ٻاهر منتقل، حڪومت واپارين خلاف ڏنڊو کڻي ورتو
ٽن سالن ۾ 100 ارب ڊالر ٻاهر منتقل، حڪومت واپارين خ…
16 Apr 2026
ڪراچي کي پيرس سان ڀيٽڻ تي شرميلا فاروقي سوشل ميڊيا تي مذاق بڻجي وئي
ڪراچي کي پيرس سان ڀيٽڻ تي شرميلا فاروقي سوشل ميڊيا…
16 Apr 2026
سون جي اگهه ۾ وڏي واڌ، تولو هڪ ڀيرو ٻيهر 5 لکن کان ٽپي ويو
سون جي اگهه ۾ وڏي واڌ، تولو هڪ ڀيرو ٻيهر 5 لکن کان…
16 Apr 2026
ٽنڊو مستي ۾ هجوم آڏو ناري بيدريءَ سان قتل، وڊيو وائرل ٿيڻ تي پوليس حرڪت ۾ اچي وئي
ٽنڊو مستي ۾ هجوم آڏو ناري بيدريءَ سان قتل، وڊيو وا…
16 Apr 2026
عليزي شاهه پيسن عيوض نامناسب آڇ ڪندڙ شخص جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا
عليزي شاهه پيسن عيوض نامناسب آڇ ڪندڙ شخص جا پول پڌ…
16 Apr 2026