ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
10 جولائی 2026
منفرد تجرباتي گاڏي جيڪا هڪ گيلن ايندھن تي 2145 ميل سفر ڪري سگهي ٿي

منفرد تجرباتي گاڏي جيڪا هڪ گيلن ايندھن تي 2145 ميل سفر ڪري سگهي ٿي

جڏهن ته دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ اليڪٽرڪ گاڏين تي ڌيان ڏنو پيو وڃي، تڏهن آمريڪا جي هڪ يونيورسٽي جي شاگردن اهڙي منفرد گاڏي تيار ڪئي آهي جيڪا روايتي ايندھن جي تمام ٿوري مقدار سان سوين ميلن جو سفر ڪري سگهي ٿي.

آمريڪي رياست يوٽاه جي هڪ يونيورسٽي جي شاگردن هڪ تجرباتي گاڏي تيار ڪئي آهي، جيڪا هڪ ليٽر ايتھانول تي سوين ميلن جو فاصلو طئي ڪري سگهي ٿي. اهو ڪارنامو ان جي انتهائي هلڪي وزن ۽ ايروڊائنامڪ ڊيزائن سبب ممڪن ٿيو آهي.

هن گاڏي جو نالو "سپر مائليج" رکيو ويو آهي ۽ ان جو وزن رڳو 49 ڪلوگرام آهي. گاڏي جي باڊي هلڪي وزن واري ڪاربن فائبر مان تيار ڪئي وئي آهي.

ان جو فيول ٽينڪ به تمام ننڍڙو آهي، جنهن ۾ رڳو 30 ملي ليٽر ايندھن ڀري سگهجي ٿو.

هن ننڍڙي ٽينڪ ۾ موجود ايندھن سان گاڏي لڳ ڀڳ 20 ميلن جو سفر ڪري سگهي ٿي، جنهن کان پوءِ ٻيهر ايندھن ڀرڻ جي ضرورت پوي ٿي.

سپر مائليج کي "شيل ايڪو ميراٿون" مقابلي لاءِ تيار ڪيو ويو، جنهن ۾ اهڙيون گاڏيون شامل ٿينديون آهن جيڪي گهٽ ۾ گهٽ ايندھن سان وڌ ۾ وڌ فاصلو طئي ڪن.

هي گاڏي شاگردن پاران تيار ڪئي وئي آهي ۽ هڪ گيلن ايندھن تي لڳ ڀڳ 2145 ميلن تائين سفر ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي. ان ۾ روايتي گاڏين جا ڪيترائي جديد فيچر شامل ناهن ڪيا ويا ته جيئن ايندھن جي بچت کي وڌ کان وڌ بڻائي سگهجي.

گاڏي ۾ رڳو هڪ ڊرائيور جي ويهڻ جي جاءِ موجود آهي، جڏهن ته ڊرائيور جو قد 5 فوٽ 4 انچ ۽ وزن 54 ڪلوگرام کان وڌيڪ نه هجڻ گهرجي.

سپر مائليج جي وڌ ۾ وڌ رفتار رڳو 23 ميل في ڪلاڪ آهي، تنهنڪري ان ۾ ڊگهو سفر ڪرڻ ڪجهه تڪليف ڏيندڙ ثابت ٿي سگهي ٿو.


ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
فون نمبر بدران يوزر نيم! واٽس ايپ جو نئون ۽ منفرد پرائيويسي فيچر متعارف
فون نمبر بدران يوزر نيم! واٽس ايپ جو نئون ۽ منفرد …
30 Jun 2026
چيني سائنسدانن بجلي کان سواءِ سامونڊي پاڻي کي پيئڻ لائق بڻائڻ واري ٽيڪنالاجي تيار ڪري ورتي
چيني سائنسدانن بجلي کان سواءِ سامونڊي پاڻي کي پيئڻ…
01 Jul 2026
گوگل اڳ کان وڌيڪ تيز ۽ سستو نينو بنانا 2 لائيٽ متعارف ڪرائي ڇڏيو
گوگل اڳ کان وڌيڪ تيز ۽ سستو نينو بنانا 2 لائيٽ متع…
01 Jul 2026
امارات: ٻارن جي رسائي نه روڪڻ تي سوشل ميڊيا پليٽ فارمن تي ڏنڊ لاڳو ٿيندا
امارات: ٻارن جي رسائي نه روڪڻ تي سوشل ميڊيا پليٽ ف…
02 Jul 2026
سب ميرين ڪيبل جي خرابي دور، انٽرنيٽ سروس بنا رڪاوٽ جاري: پي ٽي اي
سب ميرين ڪيبل جي خرابي دور، انٽرنيٽ سروس بنا رڪاوٽ…
03 Jul 2026
يوٽيوب شارٽس ۾ صارفين لاءِ ڪيترائي نوان فيچرز متعارف
يوٽيوب شارٽس ۾ صارفين لاءِ ڪيترائي نوان فيچرز متعا…
03 Jul 2026
انٽارڪٽيڪا جو سون اگليندڙ آتش فشان، سائنسدان اڃا تائين معمو حل نه ڪري سگهيا
انٽارڪٽيڪا جو سون اگليندڙ آتش فشان، سائنسدان اڃا ت…
04 Jul 2026
فضائي آلودگي مردن ۾ بانجھپڻ جو خطرو وڌائي سگهي ٿي، نئين تحقيق ۾ اهم انڪشاف
فضائي آلودگي مردن ۾ بانجھپڻ جو خطرو وڌائي سگهي ٿي،…
07 Jul 2026
اڄ زمين جي 99 سيڪڙو آبادي هڪ ئي وقت سج جي روشني مان فائدو ڪيئن وٺندي؟
اڄ زمين جي 99 سيڪڙو آبادي هڪ ئي وقت سج جي روشني ما…
08 Jul 2026
جاپاني شاگرد چيٽ جي پي ٽي جي مدد سان 46 هزار اينيمي اڪائونٽس ڊليٽ ڪري ڇڏيا
جاپاني شاگرد چيٽ جي پي ٽي جي مدد سان 46 هزار اينيم…
09 Jul 2026