اسلام آباد: مملڪتي وزير براءِ خزانه ۽ محصولات بلال اظهر ڪياني چيو آهي ته هلندڙ مالي سال دوران تقريباً 35 لک دڪاندارن کي ٽيڪس نيٽ ۾ شامل ڪيو ويندو.
قومي اسيمبلي ۾ وفاقي بجيٽ 2026-27 تي بحث دوران بلال اظهر ڪياني چيو ته حڪومت ٽيڪس جو دائرو وڌائڻ لاءِ اهم قدم کڻي رهي آهي ۽ ان سلسلي ۾ لکين دڪاندارن کي ٽيڪس نيٽ جو حصو بڻايو ويندو.
هن چيو ته رجسٽرڊ واپارين کي فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) طرفان سائي رنگ جي پليٽ جاري ڪئي ويندي، جڏهن ته عام حالتن ۾ انهن جو آڊٽ پڻ محدود رکيو ويندو.
سندس چوڻ هو ته هن قدم جو مقصد دڪاندارن کي ٽيڪس نظام ۾ شامل ڪرڻ، قومي معيشت کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ ملڪ ۾ جامع ترقي کي يقيني بڻائڻ آهي.