: گڏيل عرب امارات جي تيل برآمدات 2017ع کانپوءِ بلند ترين سطح جي ويجهو پهچي ويون آهن
اماراتي ميڊيا موجب، جون مهيني دوران ملڪ جي روزاني تيل برآمدات وڌي 39 لک بيرل کان به وڌيڪ ٿي ويون آهن، جنهن کانپوءِ تيل برآمدات 2017ع کانپوءِ بلند ترين سطح جي ويجهو پهچي ويون آهن.
رپورٽن موجب، جنگ کانپوءِ گڏيل عرب امارات پنهنجي تيل برآمدات کي ٻيهر جنگ کان اڳ واري سطح تي بحال ڪري ڇڏيو آهي.
اماراتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته گڏيل عرب امارات آبنائے هرمز تي مڪمل انحصار ختم ڪرڻ واري منصوبي تي پڻ ڪم ڪري رهيو آهي.