قطر انرجي راس لفان ايل اين جي پيداواري ڪمپليڪس تي حملي کانپوءِ لاڳو ڪيل فورس ميجر جي مدي ۾ وڌيڪ هڪ مهيني جي واڌ ڪري ڇڏي آهي.
قطر طرفان فورس ميجر کي هاڻي آگسٽ 2026ع جي آخر تائين وڌايو ويو آهي، جنهن سبب پاڪستان کي پنهنجي گيس جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ مهانگي اسپاٽ مارڪيٽ مان ايل اين جي درآمد ڪرڻي پئجي رهي آهي.
فورس ميجر ۾ واڌ سبب قطر سان ڊگهي مدي واري معاهدي تحت ايل اين جي ڪارگو جي فراهمي عارضي طور متاثر ٿي آهي، جنهن ڪري پاڪستان کي وڌيڪ قيمت تي گيس خريد ڪرڻي پئجي رهي آهي.
وفاقي وزير پيٽروليم ۽ قدرتي وسيلن علي پرويز ملڪ موجب، حڪومت کي اميد آهي ته جيڪڏهن فورس ميجر سيپٽمبر ۾ ختم ٿي وڃي ته قطر سان ڊگهي مدي واري معاهدي تحت ايل اين جي ڪارگو جي فراهمي ٻيهر معمول تي اچي ويندي.