سينيٽ جي قائمه ڪميٽي براءِ ڪابينا سيڪريٽريٽ جي اجلاس دوران ايران ۽ آمريڪا جي جنگ واري عرصي ۾ آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين (او ايم سيز) پاران وڏي پيماني تي ٽيڪس چوري جو انڪشاف ٿيو آهي.
ڪسٽمز اختيارين بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته سڄي معاملي جو آڊٽ ڪرائڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ايف بي آر ٻن آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين خلاف ڊيوٽي ادا ڪرڻ کانسواءِ پيٽروليم شين جي وڪري بابت جاچ شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
سينيٽ جي قائمه ڪميٽي جو اجلاس سينيٽر رانا محمود الحسن جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ سول سرونٽ ترميمي بل 2026ع جي منظوري ڏني وئي، جڏهن ته ڊيپوٽيشن تي مقرر آفيسرن بابت معاملو وفاقي ڪابينا حوالي ڪرڻ جي تجويز پڻ پيش ڪئي وئي.
ڪسٽمز اختيارين موجب ايران-آمريڪا جنگ دوران پيٽروليم ليوي جي شرح ۾ وڏو اتار چڙهاءُ آيو، جنهن جو فائدو وٺندي ڪيترين ئي تيل ڪمپنين ادائيگيون دير سان ڪيون. اختيارين جو چوڻ هو ته گهڻيون تيل ڪمپنيون ڊيلرن ذريعي سامان وڪرو ڪنديون رهيون ۽ ڊيوٽيون بعد ۾ ادا ڪنديون هيون، جڏهن ته قانون موجب سامان کڻڻ کان اڳ ڊيوٽيون ادا ڪرڻ لازمي آهي.
حڪامن وڌيڪ ٻڌايو ته ڪجهه ڪمپنين پهرين پيٽروليم شيون کڻي ورتيون ۽ جڏهن ليوي جي شرح گهٽ ٿي ته پوءِ ادائيگيون ڪيون. اوگرا وٽ سبسڊي جا ڪليم اچڻ کانپوءِ جاچ دوران تيل ڪمپنين جي مبينا بيضابطگين ۽ ٽيڪس چوري جو پتو پيو، جنهن بعد وڌيڪ قانوني ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي.