وفاقي شماريات اداري مالي سال 26-2025ع جا واپاري انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن.
شماريات اداري موجب مالي سال 26-2025ع دوران واپاري خسارو 39 ارب 47 ڪروڙ 10 لک ڊالرن تائين پهچي ويو.
اداري موجب گذريل مالي سال جي ڀيٽ ۾ واپاري خساري ۾ 21.57 سيڪڙو اضافو ٿيو، جڏهن ته وفاقي حڪومت مالي سال 26-2025ع لاءِ واپاري خساري جو هدف 29 ارب 92 ڪروڙ 90 لک ڊالر مقرر ڪيو هو.
رپورٽ موجب جون 2026ع دوران ماهوار بنيادن تي واپاري خساري ۾ 63.76 سيڪڙو اضافو ٿيو، جڏهن ته سالياني بنيادن تي جون ۾ واپاري خسارو 57.11 سيڪڙو وڌي ويو ۽ گذريل مهيني جون ۾ واپاري خسارو 4 ارب 52 ڪروڙ 80 لک ڊالر رهيو.
شماريات اداري موجب مالي سال 26-2025ع ۾ برآمدات 30 ارب 12 ڪروڙ 60 لک ڊالر رهيون، برآمدات ۾ ختم ٿيندڙ مالي سال دوران 5.97 سيڪڙو گهٽتائي ٿي، جڏهن ته حڪومت برآمدات جو هدف 35 ارب 28 ڪروڙ 20 لک ڊالر مقرر ڪيو هو.
ان کان علاوه مالي سال 26-2025ع ۾ درآمدات جو حجم 69 ارب 59 ڪروڙ 70 لک ڊالر رهيو، درآمدات ۾ 7.89 سيڪڙو اضافو ٿيو، جڏهن ته حڪومت درآمدات جو هدف 65 ارب 21 ڪروڙ 10 لک ڊالر مقرر ڪيو هو.
رپورٽ موجب جون 2026ع دوران درآمدات 6 ارب 76 ڪروڙ 70 لک ڊالر رهيون.