امريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ امن معاهدي طئي ٿيڻ بعد عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل جي قيمتن ۾ نمايان گهٽتائي ڏٺي وئي آهي. رپورٽن موجب عالمي منڊي ۾ تيل جون قيمتون تقريبن 4 سيڪڙو گهٽجي ويون آهن، جنهن سان توانائي مارڪيٽ تي به اثر پيو آهي.
برطانوي خام تيل (Brent Crude) جي قيمت ۾ 4 ڊالر جي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي، جنهن کان پوءِ ان جي نئين قيمت 83.70 ڊالر في بيرل ٿي وئي آهي. اهڙي طرح آمريڪي خام تيل (WTI) به 3.75 ڊالر گهٽجڻ بعد 80.76 ڊالر في بيرل تي اچي ويو آهي.
معاهدي بابت پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف اعلان ڪيو آهي ته هي امن معاهدو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ فوجي ڪارروائين جي مڪمل خاتمي جو سبب بڻبو. هن چيو ته باضابطه دستخط جي تقريب 19 جون تي سوئٽزرلينڊ ۾ ٿيندي.
وزيراعظم معاهدي ۾ قطر، سعودي عرب ۽ ترڪي جي ڪردار کي به ساراهيو ۽ چيو ته معاهدي تحت لبنان سميت مختلف محاذن تي فوري ۽ مستقل جنگبندي تي اتفاق ڪيو ويو آهي. امريڪا ۽ ايران ٻنهي معاهدي جي تصديق پڻ ڪئي آهي.