ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
10 جولائی 2026
بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن بابت فيصلو ڪري ورتو ويو

بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن بابت فيصلو ڪري ورتو ويو

لاهور: ايندڙ مالي سال جي وفاقي بجيٽ ۾ پنجاب جي سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ واڌ وفاقي حڪومت جي فيصلي موجب ڪئي ويندي.

ذريعن موجب بجيٽ ۾ پگهارن لاءِ 650 ارب ۽ پينشن لاءِ 505 ارب 80 ڪروڙ رپيا مختص ڪرڻ جي تجويز آهي، جڏهن ته صوبائي ٽيڪسن مان 1330 ارب رپين جي آمدني متوقع آهي. ذريعن ٻڌايو ته پنجاب فنانس ڪميشن لاءِ 800 ارب رپيا رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. ان کان علاوه سماجي تحفظ لاءِ 25 ارب ۽ ستھرا پنجاب پروگرام لاءِ 150 ارب رپيا مختص ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي آهي.

ذريعن موجب آپريشنل خرچن لاءِ 580 ارب 20 ڪروڙ رپيا رکڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي، جڏهن ته سيڙپڪاري جي ٻين منصوبن لاءِ 221 ارب 90 ڪروڙ رپيا مختص ڪرڻ جي تجويز آهي. ذريعن وڌيڪ ٻڌايو ته ٻاهرين معاونت سان جاري منصوبن لاءِ 54 ارب رپيا رکڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ترقياتي ۽ سرمائياتي ٻين خرچن لاءِ 570 ارب رپيا رکڻ جي تجويز آهي. مجموعي طور پنجاب جا خرچ 3569 ارب 60 ڪروڙ رپيا ٿيڻ جي تجويز آهي.


ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
پنجاب روينيو اٿارٽي جي ٽيڪس وصولين ۾ واڌ، 367 ارب رپين جي نئين رڪارڊ قائم
پنجاب روينيو اٿارٽي جي ٽيڪس وصولين ۾ واڌ، 367 ارب …
02 Jul 2026
يو اي اي جي تيل برآمدات 2017ع کانپوءِ بلند ترين سطح جي ويجهو پهچي ويون
يو اي اي جي تيل برآمدات 2017ع کانپوءِ بلند ترين سط…
02 Jul 2026
مالي سال 26-2025ع ۾ واپاري خسارو 39 ارب 47 ڪروڙ 10 لک ڊالرن تائين پهچي ويو: شماريات ادارو
مالي سال 26-2025ع ۾ واپاري خسارو 39 ارب 47 ڪروڙ 10…
03 Jul 2026
تنخواهه دارن 633 ارب رپيا ٽيڪس ادا ڪيو، ايڪسپورٽرن ۽ رئيل اسٽيٽ کان به وڌيڪ حصو
تنخواهه دارن 633 ارب رپيا ٽيڪس ادا ڪيو، ايڪسپورٽرن…
04 Jul 2026
حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ 1 رپيو 97 پئسا في ليٽر گهٽتائي ڪري ڇڏي
حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ 1 رپيو 97 پئسا في لي…
04 Jul 2026
پاڪستان ۾ سون جي اگهه ۾ گهٽتائي، في تولو 1,100 رپيا سستو
پاڪستان ۾ سون جي اگهه ۾ گهٽتائي، في تولو 1,100 رپي…
04 Jul 2026
سعودي آرامڪو پاران تيل جي قيمتن ۾ وڏي گهٽتائي جو اعلان
سعودي آرامڪو پاران تيل جي قيمتن ۾ وڏي گهٽتائي جو ا…
07 Jul 2026
ايران-آمريڪا جنگ دوران تيل ڪمپنين پاران وڏي پيماني تي ٽيڪس چوري جو انڪشاف
ايران-آمريڪا جنگ دوران تيل ڪمپنين پاران وڏي پيماني…
07 Jul 2026
قطر جي فورس ميجر ۾ واڌ، پاڪستان مهانگي اسپاٽ مارڪيٽ مان ايل اين جي خريد ڪرڻ تي مجبور
قطر جي فورس ميجر ۾ واڌ، پاڪستان مهانگي اسپاٽ مارڪي…
08 Jul 2026
آمريڪي پابندين ۾ ڇوٽ ختم، ايران جو 6 ڪروڙ 30 لک بيرل خام تيل سمنڊ ۾ ڦاسي ويو
آمريڪي پابندين ۾ ڇوٽ ختم، ايران جو 6 ڪروڙ 30 لک بي…
09 Jul 2026