اسلام آباد: وفاقي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب سپر ٽيڪس جي مڪمل خاتمي جو اشارو ڏيندي چيو آهي ته حڪومت جو واضح مقصد سپر ٽيڪس کي ختم ڪرڻ آهي ۽ ان سلسلي ۾ هر سال وڌيڪ قدم کنيا ويندا. سينيٽ جي قائمه ڪميٽي براءِ ناڻي جي اجلاس دوران هن چيو ته ڪاروباري سرگرمين کي هٿي ڏيڻ ۽ سيڙپڪاري وڌائڻ لاءِ ٽيڪسن جي نظام ۾ سڌارا آڻڻ حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهن.
اجلاس دوران سينيٽر عبدالقادر تجويز ڏني ته سپر ٽيڪس لاءِ استثنا جي حد 50 ڪروڙ رپين بدران هڪ ارب رپيا ڪئي وڃي. ان تي چيئرمين ايف بي آر جو چوڻ هو ته جيڪڏهن حد هڪ ارب رپيا ڪئي وئي ته پوءِ حڪومت کي آمدني ۾ گهٽتائي پوري ڪرڻ لاءِ لڳ ڀڳ 250 ارب رپين جا نوان ٽيڪس قدم کڻڻا پوندا.