ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
10 جولائی 2026
پهريون جولاءِ کان گاڏين تي نوان ٽيڪس ۽ ڊيوٽيز، فنانس بل جا تفصيل سامهون اچي ويا

پهريون جولاءِ کان گاڏين تي نوان ٽيڪس ۽ ڊيوٽيز، فنانس بل جا تفصيل سامهون اچي ويا

اسلام آباد ۾ فنانس بل 27-2026 جا نوان تفصيل سامهون اچي ويا آهن، جن مطابق پهرين جولاءِ کان گاڏين تي ٽيڪس ۽ ڊيوٽيز ۾ وڏي تبديلي ڪئي پئي وڃي.

فنانس بل موجب 2000 سي سي کان مٿي 3000 سي سي تائين امپورٽ ٿيل گاڏين تي 86 سيڪڙو ڊيوٽي لڳائي ويندي، جڏهن ته 3001 سي سي کان وڌيڪ گاڏين تي 92 سيڪڙو ڊيوٽي لاڳو ٿيندي.

1800 سي سي تائين گاڏين تي خاص ايڪسائز ڊيوٽي ختم ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته 1800 سي سي کان مٿي گاڏين تي اڳوڻي شرحون گهٽ ڪيون ويون آهن.

ننڍين گاڏين تي به رليف ڏنو ويو آهي، جنهن تحت 850 سي سي گاڏين تي ڊيوٽي 66 سيڪڙو مان گهٽائي 42 سيڪڙو ڪئي وئي آهي، جڏهن ته 1000 کان 1500 سي سي گاڏين تي به شرح گهٽائي 52 سيڪڙو مقرر ڪئي وئي آهي.

نئين آٽو پاليسي تحت اليڪٽرڪ گاڏين تي به نوان ٽيڪس لاڳو ڪيا ويا آهن، جن مطابق وڏين اي وي گاڏين تي 30 کان 40 سيڪڙو ڪسٽم ڊيوٽي لڳائي ويندي.

وفاقي سطح تي ٽوڪن ٽيڪس ۾ به تبديليون ڪيون ويون آهن، جنهن موجب مختلف انجڻ ڪيپيسٽي ۽ ماڊل سال جي بنياد تي فڪس ٽيڪس ۽ فيصد جي حساب سان ٽيڪس وصول ڪيو ويندو.

اهي تبديليون پهرين جولاءِ کان لاڳو ٿينديون، جيڪي گاڏين جي مارڪيٽ ۽ خريداري تي اهم اثر وجهنديون.


ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
پنجاب روينيو اٿارٽي جي ٽيڪس وصولين ۾ واڌ، 367 ارب رپين جي نئين رڪارڊ قائم
پنجاب روينيو اٿارٽي جي ٽيڪس وصولين ۾ واڌ، 367 ارب …
02 Jul 2026
يو اي اي جي تيل برآمدات 2017ع کانپوءِ بلند ترين سطح جي ويجهو پهچي ويون
يو اي اي جي تيل برآمدات 2017ع کانپوءِ بلند ترين سط…
02 Jul 2026
مالي سال 26-2025ع ۾ واپاري خسارو 39 ارب 47 ڪروڙ 10 لک ڊالرن تائين پهچي ويو: شماريات ادارو
مالي سال 26-2025ع ۾ واپاري خسارو 39 ارب 47 ڪروڙ 10…
03 Jul 2026
تنخواهه دارن 633 ارب رپيا ٽيڪس ادا ڪيو، ايڪسپورٽرن ۽ رئيل اسٽيٽ کان به وڌيڪ حصو
تنخواهه دارن 633 ارب رپيا ٽيڪس ادا ڪيو، ايڪسپورٽرن…
04 Jul 2026
حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ 1 رپيو 97 پئسا في ليٽر گهٽتائي ڪري ڇڏي
حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ 1 رپيو 97 پئسا في لي…
04 Jul 2026
پاڪستان ۾ سون جي اگهه ۾ گهٽتائي، في تولو 1,100 رپيا سستو
پاڪستان ۾ سون جي اگهه ۾ گهٽتائي، في تولو 1,100 رپي…
04 Jul 2026
سعودي آرامڪو پاران تيل جي قيمتن ۾ وڏي گهٽتائي جو اعلان
سعودي آرامڪو پاران تيل جي قيمتن ۾ وڏي گهٽتائي جو ا…
07 Jul 2026
ايران-آمريڪا جنگ دوران تيل ڪمپنين پاران وڏي پيماني تي ٽيڪس چوري جو انڪشاف
ايران-آمريڪا جنگ دوران تيل ڪمپنين پاران وڏي پيماني…
07 Jul 2026
قطر جي فورس ميجر ۾ واڌ، پاڪستان مهانگي اسپاٽ مارڪيٽ مان ايل اين جي خريد ڪرڻ تي مجبور
قطر جي فورس ميجر ۾ واڌ، پاڪستان مهانگي اسپاٽ مارڪي…
08 Jul 2026
آمريڪي پابندين ۾ ڇوٽ ختم، ايران جو 6 ڪروڙ 30 لک بيرل خام تيل سمنڊ ۾ ڦاسي ويو
آمريڪي پابندين ۾ ڇوٽ ختم، ايران جو 6 ڪروڙ 30 لک بي…
09 Jul 2026