ڪاروباري عورتن لاءِ هڪ اهم قدم کڻندي پاڪستان جي پهرين ڊجيٽل قرض اسڪيم متعارف ڪرائي وئي آهي. سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان (SECP) خودمختيار عورت پروگرام تحت 15 لک رپين تائين فنانسنگ جي منظوري ڏني آهي. هي ڊجيٽل قرض سهولت عورتن جي نگراني هيٺ هلندڙ مائڪرو، اسمال ۽ ميڊيم انٽرپرائزز (MSMEs) لاءِ تيار ڪئي وئي آهي. اسڪيم تحت ڪاروباري عورتن کي سندن ڪريڊٽ اسيسمينٽ جي نتيجن جي بنياد تي هڪ لک رپين کان 15 لک رپين تائين مالي سهائتا فراهم ڪئي ويندي. هن قدم جو مقصد عورتن کي معاشي طور مضبوط بڻائڻ ۽ انهن جي ڪاروبار کي هٿي ڏيڻ آهي.