اسلام آباد: آن لائن حج رجسٽريشن جي پهرين 11 ڏينهن دوران 2 لک کان وڌيڪ ماڻهن گهر ويٺي پنهنجي رجسٽريشن مڪمل ڪري ورتي آهي.
حج واري وزارت موجب 1 لک 80 هزار عازمن ويب پورٽل ذريعي، جڏهن ته 24 هزار عازمن موبائل ايپ وسيلي رجسٽريشن مڪمل ڪئي. ان کان علاوه 1 لک 54 هزار کان وڌيڪ ماڻهن سرڪاري حج اسڪيم، جڏهن ته 49 هزار عازمن خانگي حج اسڪيم جو انتخاب ڪيو.
اعلاميي موجب پنجاب مان 95 هزار، سنڌ مان 63 هزار، خيبرپختونخوا مان 28 هزار ۽ اسلام آباد مان 9 هزار ماڻهن رجسٽريشن ڪرائي.
جڏهن ته بلوچستان مان 5,500، آزاد ڪشمير مان 1,200 ۽ گلگت بلتستان مان 600 عازمن پڻ رجسٽريشن مڪمل ڪئي.
وزارت موجب رجسٽريشن ڪرائيندڙن ۾ 1 لک 19 هزار مرد ۽ 84 هزار 500 عورتون شامل آهن.