اسلام آباد جي مقامي عدالت رياستي ادارن تي الزام لڳائڻ واري ڪيس ۾ جوابدار سهيل آفريدي جي عدالت ۾ پيش نه ٿيڻ تي کيس گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم برقرار رکيو آهي.
اسلام آباد جي مقامي عدالت جي جج عباس شاهه سهيل آفريدي خلاف داخل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران جوابدار عدالت ۾ پيش نه ٿيو.
عدالت سندس غيرحاضري سبب ناقابلِ ضمانت گرفتاري وارنٽ برقرار رکندي پوليس کي کيس گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم برقرار رکيو.
بعد ۾ سول جج عباس شاهه جي عدم موجودگي سبب ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 21 جولاءِ تائين ملتوي ڪئي وئي.
واضح رهي ته اين سي سي آءِ اي، پيڪا ايڪٽ تحت سهيل آفريدي خلاف رياستي ادارن تي الزام لڳائڻ جي الزام ۾ ڪيس داخل ڪري رکيو آهي.