ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
09 جولائی 2026
عمران خان سان خاندان جي ملاقات نه ڪرائڻ سان نفرت ۽ ڇڪتاڻ وڌندي: بئريسٽر گوهر

عمران خان سان خاندان جي ملاقات نه ڪرائڻ سان نفرت ۽ ڇڪتاڻ وڌندي: بئريسٽر گوهر

راولپنڊي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ جي چيئرمين بئريسٽر گوهر هڪ ڀيرو ٻيهر مطالبو ڪيو آهي ته پارٽي جي باني عمران خان سان سندس خاندان جي ملاقات ڪرائي وڃي.

هن چيو ته 37 هفتا گذري چڪا آهن، پر باني پي ٽي آءِ سان ڪنهن به ملاقات نه ڪئي وئي آهي. جيڪڏهن خاندان سان ملاقاتون روڪيون ويون ته ان سان نفرتون ۽ سماجي ڇڪتاڻ وڌيڪ وڌندي.

بئريسٽر گوهر چيو ته آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ حصو نه وٺڻ بابت سياسي ڪميٽي اجلاس ڪيو هو، جتي مقامي حالتن کي نظر ۾ رکندي چونڊن جي بائيڪاٽ جو فيصلو ڪيو ويو.

هن وڌيڪ چيو ته پارٽي اڳ ئي واضح ڪري چڪي آهي ته هو ڪنهن به رياست مخالف بيانيي جي حمايت نٿي ڪري، جڏهن ته عوام جي جائز مطالبن جي مڪمل حمايت ڪري ٿي.

بئريسٽر گوهر پارٽي اندر فارورڊ بلاڪ جي موجودگي جي خبرن کي به رد ڪري ڇڏيو.

هوڏانهن بشريٰ بي بي سان سندس خاندان جي اڊيالا جيل ۾ ملاقات ٿي، جنهن دوران سندس ڀاڄائي مهر النساء مانيڪا ۽ ڌيءَ مبشره شيخ ساڻس مليا.

ذريعن موجب، ملاقات ڪانفرنس روم ۾ تقريباً 40 منٽن تائين جاري رهي، جنهن دوران بشريٰ بي بي جي صحت سميت مختلف معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.


ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
پيٽروليم شين جي قيمتون طئي ڪرڻ واري طريقيڪار خلاف درخواست رد
پيٽروليم شين جي قيمتون طئي ڪرڻ واري طريقيڪار خلاف …
07 Jul 2026
رحيم يار خان ۾ نئين پرڻيل ڪنوار سون جا زيور کڻي گهوٽ جي گهر مان فرار
رحيم يار خان ۾ نئين پرڻيل ڪنوار سون جا زيور کڻي گه…
07 Jul 2026
وفاقي ڪابينا پاران پاسڪو کي ڊسمبر تائين ختم ڪرڻ جي منظوري
وفاقي ڪابينا پاران پاسڪو کي ڊسمبر تائين ختم ڪرڻ جي…
08 Jul 2026
شارجه کان ڪراچي ايندڙ لاپتا ڪارگو جهاز ۾ ڪير ڪير سوار هو؟
شارجه کان ڪراچي ايندڙ لاپتا ڪارگو جهاز ۾ ڪير ڪير س…
08 Jul 2026
وزيراعليٰ پنجاب جو ڪاهنه جهڙن حادثن جي روڪٿام لاءِ “پنهنجو گهر، محفوظ گهر” اسڪيم متعارف ڪرائڻ جو فيصلو
وزيراعليٰ پنجاب جو ڪاهنه جهڙن حادثن جي روڪٿام لاءِ…
08 Jul 2026
وفاقي ڪابينا 2027ع کان 2030ع تائين حج پاليسي ۽ منصوبي جي منظوري ڏئي ڇڏي
وفاقي ڪابينا 2027ع کان 2030ع تائين حج پاليسي ۽ منص…
08 Jul 2026
رهائش لاءِ دنيا جو بهترين شهر ڪهڙو؟ ڪراچي ڪهڙي نمبر تي رهيو؟
رهائش لاءِ دنيا جو بهترين شهر ڪهڙو؟ ڪراچي ڪهڙي نمب…
08 Jul 2026
بلوچستان مان ٽرين سروس هڪ ڏينهن لاءِ معطل
بلوچستان مان ٽرين سروس هڪ ڏينهن لاءِ معطل
09 Jul 2026
ڪراچي: چوري ٿيل گيس پلاسٽڪ جي ٿيلهن ۾ ڀري بجلي ٺاهيندڙ منظم ٽولو گرفتار
ڪراچي: چوري ٿيل گيس پلاسٽڪ جي ٿيلهن ۾ ڀري بجلي ٺاه…
09 Jul 2026
رياستي ادارن تي الزامن وارو ڪيس، سهيل آفريدي کي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم برقرار
رياستي ادارن تي الزامن وارو ڪيس، سهيل آفريدي کي گر…
09 Jul 2026