وفاقي ڪابينا 2027ع کان 2030ع تائين جي حج پاليسي ۽ منصوبي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
ڪابينا کي بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته نئين پاليسي تحت حج جي خواهشمند ماڻهن کي 2030ع تائين ڪنهن به سال لاءِ اڳواٽ حج رجسٽريشن ڪرائڻ جي سهولت فراهم ڪئي ويندي، جڏهن ته ان بنياد تي ترجيحي ويٽنگ لسٽ پڻ تيار ڪئي ويندي.
پاليسي تحت شرعي اصولن موجب حج سيونگ اسڪيم پڻ متعارف ڪرائي پئي وڃي، جنهن ذريعي ماڻهو مستقبل جي حج لاءِ تدريجي طور بچت ڪري سگهندا ۽ ان سهولت مان فائدو وٺي سگهندا.
بريفنگ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته حج جي سموري نظام کي جديد ٽيڪنالاجي سان هم آهنگ ڪندي مڪمل طور ڊجيٽل بڻايو پيو وڃي، ته جيئن درخواستن ۽ انتظامي معاملن ۾ وڌيڪ شفافيت ۽ سهولت آڻي سگهجي.
وفاقي ڪابينا هدايت ڪئي ته حج معاونن جي مقرري مڪمل شفافيت ۽ خالص ميرٽ جي بنياد تي ڪئي وڃي، جڏهن ته سرڪاري ۽ نجي حج انتظامن جي ٿرڊ پارٽي ويليڊيشن پڻ لازمي بڻائي وڃي.